ويٽنام ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ 37 ٿي ويو

هنوئي-03 نومبر(اي پي پي) ويٽنام جي مرڪزي علائقي ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ وڌي 37 ٿي ويو آهي جڏهن ته 5 ڄڻا لاپتا ۽ 79 زخمي ٿي پيا آهن.پرڏيهي ميڊيا موجب ويٽنام ڊزاسٽر اينڊ ڊائنامڪ مينيجمينٽ اٿارٽي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته اٿارٽي موجب 12 هزار 600 کان به وڌيڪ گهر ٻوڏ سبب ٻڏي ويا آهن جڏهن ته 103 گهر مڪمل طور تباهه ۽ …

هنوئي-03 نومبر(اي پي پي) ويٽنام جي مرڪزي علائقي ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ وڌي 37 ٿي ويو آهي جڏهن ته 5 ڄڻا لاپتا ۽ 79 زخمي ٿي پيا آهن.پرڏيهي ميڊيا موجب ويٽنام ڊزاسٽر اينڊ ڊائنامڪ مينيجمينٽ اٿارٽي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته اٿارٽي موجب 12 هزار 600 کان به وڌيڪ گهر ٻوڏ سبب ٻڏي ويا آهن جڏهن ته 103 گهر مڪمل طور تباهه ۽ 451 کي جزوي نقصان پهتو آهي. ٻوڏ سبب 7 هزار 900 هيڪٽرن جي ايراضي تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا ۽ 64 هزار کان وڌيڪ چوپايو مال مري ويو ۽ پولٽري کي به سخت نقصان پهتو آهي. ٻوڏ سبب آبپاشي جي نظام ۽ درياهن جي ڪنارن کي به شديد نقصان پهتو آهي.