ايران ۾ بدترين ڏڪار، تهران لاءِ امير ڪبير ڊيم ۾ رڳو 2 هفتن جو پاڻي رهجي ويو

تهران -03 نومبر(اي پي پي) ايران جي گادي واري هنڌ تهران کي پاڻي جي فراهمي واري سڀ کان وڏي ذخيري امير ڪبير ڊيم ۾ صرف 14 ملين ڪيوبڪ ميٽر پاڻي رهجي ويو آهي. جيڪو تهران جي شهرين جي 2 هفتن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ کان وڌيڪ ناهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق پاڻي جي کوٽ جي اها تصديق پاڻي فراهمي واري ڪمپني جي ڊائريڪٽر ڪئي آهي. سندس چوڻ آهي ته امير …

تهران -03 نومبر(اي پي پي) ايران جي گادي واري هنڌ تهران کي پاڻي جي فراهمي واري سڀ کان وڏي ذخيري امير ڪبير ڊيم ۾ صرف 14 ملين ڪيوبڪ ميٽر پاڻي رهجي ويو آهي. جيڪو تهران جي شهرين جي 2 هفتن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ کان وڌيڪ ناهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق پاڻي جي کوٽ جي اها تصديق پاڻي فراهمي واري ڪمپني جي ڊائريڪٽر ڪئي آهي. سندس چوڻ آهي ته امير ڪبير ڊيم ۾ گنجائش جي ڀيٽ ۾ صرف 8 سيڪڙو پاڻي باقي بچيو آهي جيڪو شهرين جي صرف 2 هفتن جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهي ٿو. هن ايران جي ٻين ڊيمن بابت ڄاڻ فراهم ناهي ڪئي ته انهن ۾ پاڻي جي صورتحال ڇا آهي. ايران جي ميڊيا رپورٽن مطابق تهران جي شهرين کي روزانو جي ضرورت 3 ملين ڪيوبڪ ميٽر پاڻي آهي. پاڻي جي ان کوٽ کي نظر ۾ رکندي جولاءِ ۽ آگسٽ دوران حڪومت هفتيوار موڪلن جو انگ 2 ڪري ڇڏيو هو ته جيئن پاڻي جو استعمال گهٽ ٿي سگهي. ياد رهي ته امير ڪبير ڊيم انهن ڪجهه ڊيمن مان هڪ آهي جيڪا صاف پاڻي فراهم ڪري ٿي. هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي واري شهر جي آبي ضرورتن جو دارومدار ڏکڻ کان لهندڙ پهاڙي چشمن ۽ برف پگهرجڻ سبب ملندڙ پاڻي تي هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته البروز جون پهاڙيون جن جي بلندي 18000  فوٽ تائين آهي، عام طور تي برف سان ڍڪيل هوندا آهن پر هاڻوڪن سالن ۾ ايران بدترين ڏڪار مان گذري رهيو آهي انهي لاءِ پهاڙن تي هميشه موجود رهندڙ برف نه هئڻ برابر ٿي وئي آهي. تهران شهر کي پاڻي جي کوٽ ۽ ان نوعيت جي سنگين موسمياتي تبديلي جو گذريل هڪ صدي کان ڪڏهن به منهن نه ڏيڻو پيو آهي. ايران پاڻي جي ان بحران جي صورتحال کي ڊگهي عرصي کان منهن ڏئي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان برساتن جو سلسلو متاثر آهي ۽ آبي ضرورتن لاءِ اهم سمجهيا ويندڙ ڪيترائي علائقا مسلسل ڏڪار جو شڪار آهن.