بلاول ڀٽو زرداري پاران صحافين خلاف ڏوهن جي روڪٿام واري عالمي ڏينهن تي پيغام

اسلام آباد -02 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري صحافين خلاف ڏوهن جي روڪٿام جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سچائي، جمهوريت ۽ عوامي شعور لاءِ پنهنجي جان خطري ۾ وجهندڙ صحافين کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته دنيا ۾ ڪٿي به صحافين کي تشدد، ڌمڪيون يا انصاف کان محروم ڪري خاموش ڪرڻ …

اسلام آباد -02 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري صحافين خلاف ڏوهن جي روڪٿام جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سچائي، جمهوريت ۽ عوامي شعور لاءِ پنهنجي جان خطري ۾ وجهندڙ صحافين کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته دنيا ۾ ڪٿي به صحافين کي تشدد، ڌمڪيون يا انصاف کان محروم ڪري خاموش ڪرڻ صرف ماڻهن تي نه پر جمهوريت تي حملو آهي، هن زور ڀريو ته آزاد صحافت ڪنهن به جمهوري معاشري جو بنياد آهي. هن ڀارت جي قبضي هيٺ والاريل ڪشمير ۽ غزه ۾ اسرائيلي قابض فوج هٿان صحافين تي ٿيل ظلمن جي سخت لفطن ۾ مذمت ڪئي. سندس چوڻ هو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ۽ غزه ۾ اسرائيلي قابض فوجن جا ظلم انساني تاريخ جا شرمناڪ باب آهن، جن کي دنيا جو ضمير جهنجهوڙڻ گهرجي. قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جمهوري ويزن جي روشني ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي صحافت جي آزادي تي پختو يقين رکي ٿي. هن چيو ته تاريخ جي بدترين ميڊيا ٽرائلز کي منهن ڏيڻ باوجود پيپلز پارٽي هميشه صحافت جي آزادي جو علم بلند رکيو آهي. هن چيو ته اڄ جو ڏينهن تي اسان کي اهو عهد ياد رکڻ گهرجي ته اسان انهن بهادر صحافين کي سلام پيش ڪنداسين، جيڪي سچائي جا علمبردار آهن ۽ انهن جي حقن جي دفاع لاءِ هر ممڪن ڪردار ادا ڪنداسين. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اسان کي اهڙو پاڪستان تعمير ڪرڻو آهي، جتي صحافي آزادي، وقار ۽ اميد سان پنهنجو فرض انجام ڏئي سگهن.

مزید خبریں