لنڊن -02 نومبر (اي پي پي)برطانيه جي شهر ڪيمبرج ويجهو ريل ۾ چاقو جي حملي سبب 9 ماڻهو زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا موجب ڇنڇر جي رات جو ٿيل حملي ۾ 9 ماڻهو سخت زخمي ٿي پيا. جن جو اسپتال ۾ علاج جاري آهي. پوليس سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ چيو آهي، ته هنٽنگڊن ويندڙ ريل تي ڪيترن ئي ماڻهو تي چاقو سان وار ڪيا ويا جڏهن ته ٻن …
برطانيه ۾ ڪيمبرج ويجهو ريل ۾ چاقو جي حملي سبب 9 ماڻهو زخمي
لنڊن -02 نومبر (اي پي پي)برطانيه جي شهر ڪيمبرج ويجهو ريل ۾ چاقو جي حملي سبب 9 ماڻهو زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا موجب ڇنڇر جي رات جو ٿيل حملي ۾ 9 ماڻهو سخت زخمي ٿي پيا. جن جو اسپتال ۾ علاج جاري آهي. پوليس سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ چيو آهي، ته هنٽنگڊن ويندڙ ريل تي ڪيترن ئي ماڻهو تي چاقو سان وار ڪيا ويا جڏهن ته ٻن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڪيمبرج شائر پوليس زخمين کي اسپتال کڻي وڃڻ جي تصديق ڪئي آهي. واقعي جي اکين ڏٺي شاهد ٻڌايو ته هڪ شخص کي هٿ ۾ وڏي ڇري هئي جڏهن ته هر طرف رت هو ۽ ماڻهو پنهنجي جان بچائڻ لاءِ باٿ رومن ۾ لڪي رهيا هئا. لنڊن نارٿ ايسٽرن ريلوي جي انتظاميه موجب حملي کان پوءِ ان روٽ تي هلندڙ سمورين ريلوي لائينز کي عارضي طور بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايمرجنسي سروسز، هنٽنگڊن اسٽيشن تي پيش آيل واقعي کي منهن ڏئي رهي آهي. واضح رهي ته برطانيه ۽ اسڪاٽ لينڊ وچ ۾ هلندڙ لنڊن نارٿ ايسٽرن ريلوي مسافرن کي سفر ۾ امڪاني رڪاوٽن جي حوالي سان خبردار ڪيو آهي. سرڪاري انگن اکرن مان معلوم ٿئي ٿو ته سال 2011ع ۾ انگلينڊ ۽ ويلز ۾ چاقو سان حملن جي واقعن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.








