پاڪستان ۾ نيشنل جيم اسٽونز پاليسي جي تياري جاري آهي: هارون اختر خان

اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص معاون هارون اختر خان ڪالهه اسلام آباد ۾ ناليواري جيم اسٽونز ايڪسپورٽر بارنيبي پلورائٽ سان ملاقات ڪئي. وزارت طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ آئينده قومي جيم اسٽونز پاليسيءَ جي تياري بابت معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ٻنهي ڌُرين جي پاڪستان جي جيم اسٽونز جي شعبي کي پاليسي سڌارن، دستاويزي جوڙجڪ …

اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص معاون هارون اختر خان ڪالهه اسلام آباد ۾ ناليواري جيم اسٽونز ايڪسپورٽر بارنيبي پلورائٽ سان ملاقات ڪئي. وزارت طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ آئينده قومي جيم اسٽونز پاليسيءَ جي تياري بابت معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ٻنهي ڌُرين جي پاڪستان جي جيم اسٽونز جي شعبي کي پاليسي سڌارن، دستاويزي جوڙجڪ ۽ عالمي سهڪار ذريعي مضبوط بڻائڻ جي طريقيڪار تي ڳالهه ٻولهه ٿي. خاص معاون باريني جي جيم اسٽونز جو پڻ دؤرو ڪيو جتي کيس هيرن کي نکارڻ، درجابندي ۽ پيڪنگ جي عمل کان آگاهه ڪيو ويو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خاص هدايت تي جيم اسٽونز جي قومي پاليسي تيار ڪئي پئي وڃي ته جيئن جيم اسٽونز جو روانگي واپار ڪندڙن ۽ صنعتڪارن کي سهولتون فراهم ڪري سگهجن. هن چيو ته نئين پاليسيءَ تحت جيم اسٽونز ايڪسپورٽ کي صنعت جو درجو ڏنو ويندو جنهن سان غير رسمي شعبي کي دستاويزي ۽ منظم بڻائڻ ۾ مدد ملندي جيڪا في الحال تقريبن 2 ارب آمريڪي ڊالرن جي غير دستاويزي واپار تي ٻَڌل آهي. هن وڌيڪ چيو ته ان پاليسيءَ جو مقصد جيم اسٽونز انڊسٽريءَ کي ملڪي معيشت جي رسمي حصي ۾ شامل ڪرڻ آهي ته جيئن پاڪستان قيمتي پرڏيهي مٽاسٽا جو ناڻو ڪمائي سگهي. اها پاليسي هڪ مهيني اندر عالمي بهترين تجربن ۽ ڪامياب عالمي ماڊلز جي روشنيءَ ۾ تيار ڪئي ويندي. پاڪستان جي معدني وسيلن تي روشني وجهندي هارون اختر چيو ته پاڪستان قدرتي دولت سان مالامال آهي ۽ دنيا جي اعليٰ معيار جا جيم اسٽونز هتي موجود آهن. هن بارنيبي پلورائٽ ۽ سندس ٽيم جي فني مهارت، جدت ۽ پاڪستان ۾ جيم اسٽونز پروسيسنگ جي خدمتن کي ساراهيو.

مزید خبریں