باڪو-31 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ تاجڪستان ٻه طرفن لاڳاپن ۽ بين الپارلياماني تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو آهي، ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ سياسي لاڳاپن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. هي اتفاق راءِ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ۽ تاجڪستان جي مجلس جي نمائندن جي چيئرمين فيزالي ديزودا وچ ۾ باڪو ۾ ٿيل ملاقات دوران ٿيو. ڪالهه سينيٽ سيڪريٽريٽ …
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ۽ تاجڪستان جي اسيمبليءَ جي چيئرمين وچ ۾ ملاقات
باڪو-31 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ تاجڪستان ٻه طرفن لاڳاپن ۽ بين الپارلياماني تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو آهي، ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ سياسي لاڳاپن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. هي اتفاق راءِ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ۽ تاجڪستان جي مجلس جي نمائندن جي چيئرمين فيزالي ديزودا وچ ۾ باڪو ۾ ٿيل ملاقات دوران ٿيو. ڪالهه سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان جي دوستي گڏيل احترام، گڏيل مذهبي قدرن، امن، ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل مقصدن تي ٻَڌل آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري، توانائي، رابطن ۽ عوامي سطح تي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن گڏيل تعاون جا نوان رستا کُلي سگهن. هن پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ تي توجهه ڏيندي چيو ته مؤثر بين الپارلياماني تعاون، گڏيل اعتماد کي هٿي ڏيڻ، بهتر قانونسازي ۽ عوامي مفادن تي ٻَڌل بهتر پاليسيءَ لاءِ اڻٽر آهن. ٻنهي اڳواڻن پارلياماني ڪميٽين ۽ فرينڊشپ گروپس وچ ۾ باقاعدي رابطن جي اهميت تي زور ڀريو ته جيئن اقتصادي ترقي، ماحولياتي استحڪام ۽ گورننس جهڙن گڏيل چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تجربا ۽ بهترين عمل هڪٻئي سان شيئر ڪري سگهجن. سينيٽ چيئرمين دهشتگردي ۽ انتهاپسنديءَ خلاف مؤثر جدوجهد لاءِ خطي جي تعاون تي ٻَڌل فورمز شنگهائي تعاون تنظيم ۽ اجتماعي سلامتي معاهده تنظيم تحت تعاون جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن دفاعي شعبي ۾ وڌندڙ تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته فوجي تربيت ۽ سگهه ۾ واڌ ۽ ڳجهي معلومات جي مٽاسٽا جهڙن قدمن سان خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ملندي. يوسف رضا گيلاني واپار، معيشت جي ميدان ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي ٽيڪسٽائل، زراعت، صنعت ۽ توانائي جي شعبن ۾ گڏيل موقعن مان فائدو کڻڻ جي اهميت اجاگر ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان عالمي فورمز خاص ڪري ايس سي او ۽ او آءِ سي ۾ ويجها رابطا رکن ٿا. ٻنهي ملڪن کي خطي ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ جي بنيادي ڍانچي جي ترقي، ماحولياتي تبديلين جي اثرن کي مُنهن ڏيڻ ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ گڏيل قدم کڻڻ گهرجن. سينيٽ چيئرمين پنهنجي تاجڪ هم منصب کي پاڪستان ۾ 10 کان 12 نومبر تي رٿيل بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس (آءِ ايس سي) ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. هن چيو ته هيءَ ڪانفرنس علائقائي امن، سلامتي ۽ ترقيءَ جي حوالي سان هڪ اهم پليٽ فارم ثابت ٿيندو ۽ بين الپارلياماني ۽ بين الحڪومتي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. ٻنهي اڳواڻن تعليمي ۽ ثقافتي رابطن کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي به زور ڀريو ته جيئن ٻنهي ملڪن جي نوجوانن وچ ۾ ويجها رابطا قائم ٿي سگهن. سينيٽ چيئرمين تاجڪستان جي علائقائي امن، استحڪام ۾ مثبت ڪردار ۽ وچ ايشيا جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ان جي تعميري ڪوششن کي ساراهيو.











