تعليم واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقيءَ جي پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر سان ملاقات

لاهور-31 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي پنجاب اسيمبليءَ جو دؤرو ڪيو. ان موقعي تي پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان صوبائي وزيرن ۽ اسيمبليءَ جي ميمبرن سندس استقبال ڪيو. ملاقات ۾ پنجاب اسيمبليءَ طرفان وفاقي حڪومت کي موڪليل مقامي حڪومتن جي نظام بابت قرارداد تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. خالد مقبول صديقي مقامي حڪومتن جي ڍانچي کي آئيني حيثيت …

لاهور-31 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي پنجاب اسيمبليءَ جو دؤرو ڪيو. ان موقعي تي پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان صوبائي وزيرن ۽ اسيمبليءَ جي ميمبرن سندس استقبال ڪيو. ملاقات ۾ پنجاب اسيمبليءَ طرفان وفاقي حڪومت کي موڪليل مقامي حڪومتن جي نظام بابت قرارداد تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. خالد مقبول صديقي مقامي حڪومتن جي ڍانچي کي آئيني حيثيت ڏيڻ ۽ اختيارن کي هيٺئين سطح تائين منتقل ڪرڻ لاءِ پنجاب اسيمبليءَ جي قرارداد جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو. هن چيو ته حقيقي جمهوريت ان وقت مضبوط ٿيندي آهي جڏهن عوام کي بنيادي سهولتون ۽ اختيار انهن جي پنهنجي سطح تي دستياب هجن. پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر چيو ته پنجاب اسيمبلي جي منظور ٿيل قرارداد هاڻ پارليامينٽ جي منظوريءَ جي گهرجائو آهي ته جيئن ضلعي، تعلقي ۽ يونين ڪائونسل سطح تي بااختيار مقامي حڪومتون قائم ڪري سگهجن ۽ عوام کي روزاني زندگيءَ جي مسئلن جي حل لاءِ حقيقي سهولتون ملي سگهن. وفد ۾ مسلم ليگ (ن) جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق سميت پنجاب اسيمبليءَ جي ميمبرن احمد اقبال، راجا شوڪت علي ۽ افتخار ڇڇر، طارق گل به موجود هئا.