سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 5300 رپين جي واڌ، في تولو 4 لک 24162 رپين جو ٿي ويو

اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 5300 رپين جي واڌ سان في تولو 4 لک 24162 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز ايند جيولرز ايسوسيئيشن موجب سون جي في تولو قيمت  ۾ 5300 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 24162 رپين جو ٿي ويو. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 4544 رپين جي واڌ کانپوءِ 3 …

اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 5300 رپين جي واڌ سان في تولو 4 لک 24162 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز ايند جيولرز ايسوسيئيشن موجب سون جي في تولو قيمت  ۾ 5300 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 24162 رپين جو ٿي ويو. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 4544 رپين جي واڌ کانپوءِ 3 لک 59106 رپين مان وڌي 3 لک 63650 رپين جي ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط جي قيمت 3 لک 29300 رپين مان وڌي 3 لک 33357 رپيا ٿي وئي. في تولو چاندي جي قيمت 158 رپين جي واڌ کانپوءِ 5192 ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 136 رپين جي واڌ کانپوءِ 4451 رپيا ٿي وئي.