گڏيل قومن کي سوڊان جي بحران جي خاتمي لاءِ متحد ٿي قدم کڻڻ گهرجن: پاڪستان

گڏيل قومون - 31 آڪٽوبر (اي پي پي)سوڊان جي اتر دارفور جي گادي وارو شهر الفاشر جو تيز رفتار فورسز (آر ايس ايف) جي قبضي ۾ وڃڻ سان گهرو ويڙهه ۾ وڌيڪ شدت اچي وئي آهي، جنهن تي پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته اتحاد ۽ عزم سان فوري قدم کنيا وڃن ته جيئن جنگ بندي ٿئي، شهرين جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي ۽ سوڊان …

گڏيل قومون – 31 آڪٽوبر (اي پي پي)سوڊان جي اتر دارفور جي گادي وارو شهر الفاشر جو تيز رفتار فورسز (آر ايس ايف) جي قبضي ۾ وڃڻ سان گهرو ويڙهه ۾ وڌيڪ شدت اچي وئي آهي، جنهن تي پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته اتحاد ۽ عزم سان فوري قدم کنيا وڃن ته جيئن جنگ بندي ٿئي، شهرين جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي ۽ سوڊان جي عوام کي پنهنجي ملڪ جي نئين سر تعمير جو موقعو ملي سگهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد گذريل ڏينهن سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته سوڊان جو عوام ڊگهي عرصي کان ناقابل تصور ڏکيائيون برداشت ڪري رهيو آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اها ڪائونسل هڪ واضح پيغام ڏئي ته اها هاڻي هٿ تي هٿ رکي نه ويهندي جڏهن ته معصوم شهرين جو قتل عام، اسپتالن تي بمباري ۽ امدادي ڪارڪنن تي حملا ٿي رهيا آهن. پاڪستاني سفير آر ايس ايف جي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ الفاشر تي پرتشدد قبضي جي شديد مذمت ڪندي چيو ته سعودي ميٽرنٽي اسپتال ۾ ڪيترن ئي مريضن ۽ طبي عملي جي قتل عام ۽ شهر جي گهيراءَ هزارين شهرين کي غير انساني حالتن ۾ آڻي ڇڏيو آهي، جيڪو قبولڻ جوڳو ناهي. هن چيو ته اهي انسانيت سوز ڪارروائيون فوري طور تي بند ڪيون وڃن ۽ انهن جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن زور ڀريو ته سوڊان جي تڪرار جو ڪو فوجي حل ناهي ، ان ڪري هٿيار خاموش ۽ پرڏيهي مداخلت بند ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جنگ بندي فوري لاڳو ۽ سوڊان جي عوام جي قيادت ۾ هڪ جامع سياسي عمل جي شروعات جو مطالبو ڪريون ٿا، جيڪو جده پڌرنامي ۽ شهرين جي تحفظ بابت واعدن مطابق هجي. پاڪستاني نمائندي سوڊان جي خودمختياري جي احترام ۽ غير آئيني حڪومت جي قيام جي ڪوششن جي مذمت ڪندي چيو ته اهڙا قدم رياستي ادارن کي ڪمزور ڪرڻ ۽ ملڪ کي ورهائڻ جي خطري جو شڪار بڻائي سگهن ٿا. هن چيو ته عالمي برادري کي سوڊان جي اختيارين سان تعميري رابطا قائم ڪرڻ، انساني امداد جي فراهمي، سياسي عمل جي اڳڀرائي ۽ قومي اتحاد جي تحفظ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سفير عاصم افتخار سوڊان جي عارضي حڪومت جي قدمن جهڙوڪ نئين وزيراعظم ۽ فني ڪابينا جي مقرري کي هاڪاري اڳڀرائي قرار ڏيندي چيو ته سلامتي ڪائونسل کي انهن ڪوششن جي حمايت ڪرڻ گهرجي.