هنوئي-31 آڪٽوبر(اي پي پي)ويٽنام جي ڪيترن ئي مرڪزي صوبن ۾ تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب 13 ماڻهو فوت، 11 لاپتا ۽ 34 زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ويٽنام جي ڊزاسٽر اينڊ ڊائڪ مينيجمينٽ اٿارٽي جمعي ڏينهن جاري رپورٽ ٻڌايو آهي ته هڪ لک 16 هزار کان وڌيڪ گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آهي. 56 گهر پاڻي ۾ لڙهي ويا جڏهن ته 150 گهرن کي نقصان پهتو آهي. …
ويٽنام ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب 13 ماڻهو فوت، 11 لاپتا، وڏي پيماني تي تباهي رڪارڊ
هنوئي-31 آڪٽوبر(اي پي پي)ويٽنام جي ڪيترن ئي مرڪزي صوبن ۾ تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب 13 ماڻهو فوت، 11 لاپتا ۽ 34 زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ويٽنام جي ڊزاسٽر اينڊ ڊائڪ مينيجمينٽ اٿارٽي جمعي ڏينهن جاري رپورٽ ٻڌايو آهي ته هڪ لک 16 هزار کان وڌيڪ گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آهي. 56 گهر پاڻي ۾ لڙهي ويا جڏهن ته 150 گهرن کي نقصان پهتو آهي. ٻوڏ سبب 4،900 ايڪڙن تي ٻيٺل سارين جو فصل ۽ ٻيا فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. 790 ايڪڙن جي ايراضي تي لڳل ميون جا وڻ متاثر ٿيا آهن جڏهن ته 17،700 کان وڌيڪ چوپايو مال مري ويو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بجلي جي بندش سبب 4 صوبن ۽ شهرن ۾ 4 لک 38 هزار کان وڌيڪ گهر متاثر ٿيا آهن.رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته روس جي حڪومت طرفان موڪليل 29 ٽن امدادي شين جن ۾ خيما، ڪمبل، ريسڪيو ٻيڙيون ۽ ٻيو ضروري سامان شامل آهي. ويٽنام جي هيو شهر جي ٻوڏ سٽل متاثرن ۾ امدادي سامان ورهايو ويو آهي.








