آمريڪا ۾ حڪومتي شٽ ڊائون نومبر تائين جاري رهيو ته فضائي نظام تباهي جو شڪار ٿي سگهي ٿو: آمريڪي نائب صدر

واشنگٽن 31 آڪٽوبر(اي پي پي) آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت جو شٽ ڊائون نومبر تائين جاري رهيو ته ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولرز جون پگهارون  روڪڻ سان آمريڪا جو فضائي نظام شديد متاثر ٿي سگهي ٿو، خاص طور تي موڪلن جي موسم ۾ فضائي سفر ۾ اضافو ٿئي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب هن وائيٽ هائوس ۾ هوابازي جي صنعت جي اڳواڻن سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان …

واشنگٽن 31 آڪٽوبر(اي پي پي) آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت جو شٽ ڊائون نومبر تائين جاري رهيو ته ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولرز جون پگهارون  روڪڻ سان آمريڪا جو فضائي نظام شديد متاثر ٿي سگهي ٿو، خاص طور تي موڪلن جي موسم ۾ فضائي سفر ۾ اضافو ٿئي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب هن وائيٽ هائوس ۾ هوابازي جي صنعت جي اڳواڻن سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اها واقعي هڪ تباهي بڻجي  سگهي ٿي ڇو ته ان وقت تائين انهن ڪارڪنن کي ٽي يا چار پگهارون نه ملنديون. هن چيو ته حڪومت کي ڪاروهنوار ٻيهر کولڻ کان سوا ڪو به حل ناهي ۽ ڊيمو ڪريٽڪس تي الزام لڳايو ته اها ملڪ کي يرغمال بڻايو آهي. آمريڪي ٽرانسپورٽ واري وزير سيان ڊفي به خبردار ڪيو ته ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولرز کي وقت سر ادائيگيون نه ٿيون ته فضائي سفر ۾ شديد خلل پيدا ٿي سگهي ٿو. ان موجب آڪٽوبر ۾ اڏامن جو انگ گهٽ رهيو پر نومبر ۾ سفر لاءِ رش وڌي ويندي.