ٽوڪيو-31 آڪٽوبر(اي پي پي) جاپان تي ڪيل ايٽم بم حملن ۾ بچي ويل جاپانين جي نوبل انعام حاصل ڪندڙ تنظيم نيهون هيدانڪيو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ايٽمي هٿيارن جي تجربن واري اعلان کي قبول نه ڪرڻ جوڳو قرار ڏنو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ٻي عالمي جنگ دوران جاپان تي ڪيل ايٽم بم جي حملن ۾ بچي ويل ماڻهن جن کي جاپان ۾ ”هيباڪوشا“ جي نالي سان پڻ سڃاتو ويندو …
ايٽمي تجربا قبولڻ جوڳا نه آهن، ايٽم بم حملن ۾ بچي ويل جاپانين جي تنظيم پاران آمريڪي صدر جي حڪم تي تنقيد
ٽوڪيو-31 آڪٽوبر(اي پي پي) جاپان تي ڪيل ايٽم بم حملن ۾ بچي ويل جاپانين جي نوبل انعام حاصل ڪندڙ تنظيم نيهون هيدانڪيو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ايٽمي هٿيارن جي تجربن واري اعلان کي قبول نه ڪرڻ جوڳو قرار ڏنو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ٻي عالمي جنگ دوران جاپان تي ڪيل ايٽم بم جي حملن ۾ بچي ويل ماڻهن جن کي جاپان ۾ ”هيباڪوشا“ جي نالي سان پڻ سڃاتو ويندو آهي ۽ اهي ڪيترن ئي سالن کان جسماني ۽ ذهني تڪليفن جو شڪار آهن. انهن ڊونلڊ ٽرمپ پاران ايٽمي تجربا شروع ڪرڻ واري حڪم کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. ٻي عالمي جنگ ۾ آمريڪا جاپان جي علائقن هيرو شميا ۽ ناگاساڪي تي ٻه ايٽم بم اڇلايا هئا جنهن جي نتيجي ۾ 2 لک کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ ڪيترائي متاثر ٿيا هئا جڏهن ته انهن بم حملن جا اثر اڃا تائين انهن علائقن ۾ موجود آهن. تنظيم جاپان ۾ آمريڪي سفارتخاني ڏانهن احتجاجي خط لکيو آهي جنهن ۾ صدر ٽرمپ جي حڪمن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. واضع رهي ته خميس تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پينٽاگون کي ايٽمي هٿيارن جي ٽيسٽنگ جا حڪم جاري ڪيا آهن.








