وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان ڪامسيٽس يونيورسٽي جي نئين ريڪٽر ڊاڪٽر راحيل قمر جي ملاقات

اسلام آباد - 31 آڪٽوبر(اي پي پي)قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان ڪامسيٽس يونيورسٽي اسلام آباد جي نئين ريڪٽر ڊاڪٽر راحيل قمر ملاقات ڪئي. جاري بيان مطابق وفاقي وزير ڊاڪٽر راحيل قمر کي نئين ذميواري سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. راڻا تنوير حسين ان موقعي تي چيو ته کيس اميد آهي ته ڊاڪٽر راحيل قمر پنهنجي قيادت …

اسلام آباد – 31 آڪٽوبر(اي پي پي)قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان ڪامسيٽس يونيورسٽي اسلام آباد جي نئين ريڪٽر ڊاڪٽر راحيل قمر ملاقات ڪئي. جاري بيان مطابق وفاقي وزير ڊاڪٽر راحيل قمر کي نئين ذميواري سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. راڻا تنوير حسين ان موقعي تي چيو ته کيس اميد آهي ته ڊاڪٽر راحيل قمر پنهنجي قيادت ۾ ڪامسيٽس يونيورسٽي کي عالمي معيار جي درسگاهه ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، تعليم ۽ تحقيق ۾ نواڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ نوجوانن کي جديد سائنسي رجحانن ۽ ٽيڪنالاجي سان آراسته ڪرڻ اڻٽر آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته غذائي تحفظ واري وزارت ۽ ڪامسيٽس يونيورسٽي وچ ۾ تحقيقاتي سهڪار سان زراعت جي شعبي ۾ حقيقي انقلاب اچي سگهي ٿو. هن چيو ته جديد سائنسي تحقيق، بائيو ٽيڪنالاجي ۽ ايگري انوويشن ذريعي ملڪي زرعي پيداوار ۾ اضافي سميت فوڊ سيڪيورٽي جا هدف حاصل ڪري سگهجن ٿا. راڻا تنوير حسين ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت اعليٰ تعليم کي هٿي ڏيڻ ۽ تحقيقي ادارن جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته نوجوان سائنسدان پاڪستان جو قيمتي اثاثو آهن، ۽ کين موقعا ۽ وسيلا فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. وفاقي وزير ڊاڪٽر راحيل قمر کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سندس قيادت ۾ ڪامسيٽس يونيورسٽي تحقيق جا نوان سنگ ميل طئي ڪندي.