اسلام آباد - 31 آڪٽوبر(اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت سرڪاري اسڪيم جي درخواست گذارن کي چيو آهي ته هو پنهنجي حج بقايا جي ٻي قسط 6 لک 50 هزار روپيا 3 کان 15 نومبر تائين پنهنجي لاڳاپيل بئنڪ ۾ جمع ڪرائي ڪمپيوٽرائيزڊ رسيد حاصل ڪن، ٻي قسط وقت سر جمع نه ڪرائڻ جي صورت ۾ حج درخواست رد تصور ٿيندي، آن لائن ادائگي وارا پانڌيئڙا اڳ وانگر آن …
درخواست گذار پنهنجي حج بقايا جي ٻي قسط 6 لک 50 هزار روپيا 3 کان 15 نومبر تائين لاڳاپيل بئنڪ ۾ جمع ڪرائي ڪمپيوٽرائيزڊ رسيد حاصل ڪن: مذهبي معاملن واري وزارت جو ترجمان
اسلام آباد – 31 آڪٽوبر(اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت سرڪاري اسڪيم جي درخواست گذارن کي چيو آهي ته هو پنهنجي حج بقايا جي ٻي قسط 6 لک 50 هزار روپيا 3 کان 15 نومبر تائين پنهنجي لاڳاپيل بئنڪ ۾ جمع ڪرائي ڪمپيوٽرائيزڊ رسيد حاصل ڪن، ٻي قسط وقت سر جمع نه ڪرائڻ جي صورت ۾ حج درخواست رد تصور ٿيندي، آن لائن ادائگي وارا پانڌيئڙا اڳ وانگر آن لائن پورٽل استعمال ڪري سگهن ٿا. گذريل ڏينهن ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان عمر بٽ ٻڌايو ته حج 2026ع جا جيڪي درخواستگذار بقايا جي پهرين قسط جمع ڪرائي چڪا آهن، اهي ٻي قسط 3 کان 15 نومبر 2025ع تائين جمع ڪرائي سگهن ٿا، اهڙا ماڻهو جيڪي مڪي شريف ۾ ڊبل بيڊ فيملي روم جي اختياري سهولت حاصل ڪرڻ چاهين ٿا اهي 2 لک روپيا في ماڻهو اضافي جمع ڪرائيندا جڏهن ته ٽرپل بيڊ فيملي روم جي اختياري سهولت حاصل ڪرڻ لاءِ 67 هزار روپيا في ماڻهو جمع ڪرائڻا پوندا، ٻئي سهولتون رڳو مڪي شريف ۾ ئي دستياب هونديون، بعد ۾ حج پيڪيج تبديل ڪرڻ ممڪن نه هوندو ان ڪري ٻي قسط جمع ڪرائڻ وقت پيڪيج جي چونڊ ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته ٻي قسط جمع ڪرائڻ وقت بئنڪ تفصيلن جي درستگي ۽ پيڪيج جي تبديلي رڳو شارٽ کان لانگ حج جي حوالي سان ڪرائي سگهجي ٿي جڏهن ته لانگ کان شارٽ پيڪيج جي تبديلي لاءِ بئنڪ ذريعي مذهبي معاملن واري وزارت ۾ درخواست موڪلڻي پوندي جنهن کي رڳو دستيابي جي صورت ۾ ئي منظور ڪيو ويندو. هن چيو ته ٻي قسط جمع ڪرائڻ کان اڳ پنهنجي لاڳاپيل بئنڪ جي برانچ کان پنهنجي تفصيلن ۾ ڪنهن به قسم جي درستگي ڪرائي سگهن ٿا، گروپنگ جا مسئلا، سڃاڻپ ڪارڊ جي درستگي لاءِ وزارت جي لاڳاپيل حج آفيس، انچارج آءِ ٽي سيل کي لکت ۾ درخواست موڪلڻي پوندي. هن چيو ته ٻي قسط وقت تي جمع نه ڪرائڻ جي صورت ۾ حج درخواست رد تصور ٿيندي، ڪنهن به مرحلي تي حج داخلا رد ڪرائڻ جي صورت ۾ مذهبي معاملن واري وزارت ضابطن مطابق ڪٽوتي جي مجاذ آهي، رد ٿيل درخواستن جي رهيل رقم درخواست گذار جي لاڳاپيل بئنڪ اڪائونٽ ۾ واپس موڪلي ويندي، حج پانڌيئڙن کي مذهبي معاملن واري وزارت طرفان هدايت به ڪئي وئي آهي ته وزارت سان موثر رابطي لاءِ پاڪ حج 2026ع موبائل ايپ استعمال ڪن.











