اسلام آباد ۾ ناليواري ليکڪ ۽ ڪالم نگار اشفاق لغاري جي ڪتاب ”نفرت ڪي دريافت“ جي مھورت

اسلام آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) ناليواري ليکڪ ۽ ڪالم نگار اشفاق لغاري جي ڪتاب “نفرت ڪي دريافت” جي مھورتي تقريب اسلام آباد ۾ ٿي گذري. بليڪ ھول ۾ ٿيل تقريب ۾ ناليوارن صحافين، وڪيلن، ليکڪن، محققن ۽ سماجي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي مصنف ۽ شاعر حسن مجتبيٰ، ناليواري صحافي مطيع الله، محقق ۽ تجزئي نگار ڊاڪٽر خادم حسين، امن ۽ نوجوانن جي تربيت …

اسلام آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) ناليواري ليکڪ ۽ ڪالم نگار اشفاق لغاري جي ڪتاب “نفرت ڪي دريافت” جي مھورتي تقريب اسلام آباد ۾ ٿي گذري. بليڪ ھول ۾ ٿيل تقريب ۾ ناليوارن صحافين، وڪيلن، ليکڪن، محققن ۽ سماجي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي مصنف ۽ شاعر حسن مجتبيٰ، ناليواري صحافي مطيع الله، محقق ۽ تجزئي نگار ڊاڪٽر خادم حسين، امن ۽ نوجوانن جي تربيت لاءِ ڪم ڪندڙ سيد علي حميد ۽ خواجه سرا برادري جي حقن لاءِ پتوڙيندڙ ريم شريف خطاب ڪندي چيو ته هي ڪتاب پاڪستان ۾ پهريون اهڙو ادبي ڪم آهي، جنهن ۾ ڪنهن سائبر ڪرائم متاثر شخص پنهنجن تجربن، تڪليفن ۽ مشاهدي کي ڪتابي صورت ۾ پيش ڪيو آهي. نامياري مصنف ۽ شاعر حسن مجتبي چيو ته اشفاق لغاري ڪتاب جو نالو نفرت جي دريافت رکيو آھي، نفرت بدبُوءَ آھي، نفرت ديوار آھي اشفاق نفرت جي ديوار ڊاٿي آھي، اشفاق پاڪستان جو پھريون ليکڪ ۽ سائبر ڪرائم متاثر آھي جنھن پنھنجي ڪھاڻي ڪتابي صورت ۾ آندي آھي. ڊاڪٽر خادم حسين چيو ته ڪتاب جو اسلوب قرت العين حيدر ۽ سعادت حسن منٽو جي ياد تازي ڪري ٿو، جڏهن ته صحافي مطيع الله ان کي انصاف جي ويڙھ جو عڪس قرار ڏيندي چيو ته اسان کي انهن ماڻهن جون ڪهاڻيون به ٻڌڻ گهرجن جيڪي سائبر ڪرائم جو شڪار ٿيا آهن.

سيد علي حميد چيو ته اشفاق لغاري جرئت ۽ حساسيت جو مثال قائم ڪيو آهي، ڇو ته مرد جي تڪليف ۽ مرد جي روئڻ کي اسان جي سماج ۾ گهٽ ۽ ڪمزوري سمجهيو ويندو آهي، پر مرد به درد ۽ تڪليف محسوس ڪري ٿو، روئي ٿو ۽ پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائڻ جو حق رکي ٿو. خواجه سرا برادري جي حقن لاءِ پتوڙيندڙ ريم شريف چيو ته مون کي ڄاڻڻ ۾ دلچسپي آهي ته ڪتاب جي مرڪزي ڪردار آصف سان آخر ڇا ٿئي ٿو، هي ڪتاب جيڪو هٿ ۾ کڻندو، اهو مڪمل پڙهڻ کانسواءِ ان کي اڌ ۾ ڇڏي نه سگهندو. تقريب ۾ ناليواري ليکڪ نصير ميمڻ، سينئر صحافي قربان بلوچ، حسين جروار، وڪيل، شاگرد، صحافي ۽ مھر ڳڙھ اسلام آباد سميت مختلف ادارن جا وفد به موجود هئا.