بوسان-30 آڪٽوبر (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته سندس چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات تمام ڪامياب رهي ۽ هو ٻيهر ڳالهين لاءِ اپريل ۾ چين ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ چين جي صدر شي جن پنگ گذريل ڏينهن 6 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ اها ملاقات ڏکڻ ڪوريا جي شهر بوسان ۾ ٿي، ايئر فورس ون …
چيني صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪامياب رهي، اپريل ۾ چين ويندس: ڊونلڊ ٽرمپ
بوسان-30 آڪٽوبر (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته سندس چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات تمام ڪامياب رهي ۽ هو ٻيهر ڳالهين لاءِ اپريل ۾ چين ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ چين جي صدر شي جن پنگ گذريل ڏينهن 6 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ اها ملاقات ڏکڻ ڪوريا جي شهر بوسان ۾ ٿي، ايئر فورس ون تي صحافين سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته اسان ڪيترن ئي معاملن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي، هن چيني صدر کي هڪ تمام طاقتور ملڪ جو شاندار اڳواڻ قرار ڏنو، آمريڪي صدر ٻڌايو ته مان اپريل ۾ چين وڃي رهيو آهيان ۽ هو ڪجهه عرصي کانپوءِ فلوريڊا، پام بيچ يا واشنگٽن ڊي ايندو.








