نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس

اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ اقتصادي سفارتڪاري ۽ واپار وڌائڻ جي مجموعي حڪمت عملي جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ واپار، قانون ۽ انصاف وارن وزيرن، وزيراعظم جي خاص معاون ايم طارق باجوه، پرڏيهي سيڪريٽري، واپار واري سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل ادارن …

اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ اقتصادي سفارتڪاري ۽ واپار وڌائڻ جي مجموعي حڪمت عملي جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ واپار، قانون ۽ انصاف وارن وزيرن، وزيراعظم جي خاص معاون ايم طارق باجوه، پرڏيهي سيڪريٽري، واپار واري سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل ادارن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪميٽي جي گذريل اجلاس کان هيستائين جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم روانگي واپار کي وڌائڻ، سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ خاص طور تي يورپي يونين ۽ ٻين اهم حصيدارن سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ اقتصادي سفارتڪاري تي زور ڏنو.