سيڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد ذريعي خوارجين جي مداخلت جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، خارجي ڪمانڊر سميت 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي-30 آڪٽوبر (اي پي پي)سيڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد ذريعي خوارجين جي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي خارجي ڪمانڊر سميت 4 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب 29 ۽ 30 آڪٽوبر جي وچ واري رات باجوڙ ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز هڪ گروه جي چرپر جو پتو لڳايو جيڪو پاڪستان – افغانستان سرحد جي رستي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. پاڪ فوج …

راولپنڊي-30 آڪٽوبر (اي پي پي)سيڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد ذريعي خوارجين جي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي خارجي ڪمانڊر سميت 4 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب 29 ۽ 30 آڪٽوبر جي وچ واري رات باجوڙ ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز هڪ گروه جي چرپر جو پتو لڳايو جيڪو پاڪستان – افغانستان سرحد جي رستي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. پاڪ فوج جي جوانن موثر ڪارروائي ڪندي خوارجين جي داخل ٿيڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، عين نشاني تي ۽ مهارت سان ڪيل ڪارروائي جي نتيجي ۾ چار خوارجي جن ۾ هڪ اهم خارجي اڳواڻ امجد عرف مزاحم به شامل هو مارجي ويو. مارجي ويل خارجي ڪمانڊر امجد خارجي نور ولي جو نائب ۽ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج جي رهبري شوريٰ جو سربراهه هو. هو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي انتهائي گهربل هو ۽ پاڪستان حڪومت سندس سر جي قيمت 50 لک روپيا مقرر ڪري رکي هئي ڇاڪاڻ ته هو افغانستان ۾ رهندي پاڪستان اندر ڪيترين ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث رهيو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته فتنه الخوارج جي قيادت جيڪا افغانستان ۾ رهندڙ آهي، پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جون منظم ڪوششون ڪري رهي آهي خاص ڪري اهو تاثر ڏيڻ لاءِ ته سندن پاڪستان ۾ موجودگي برقرار رهي ۽ باجوڙ ۽ مهمد ۾ سيڪيورٽي فورسز جي موثر ڪاررواين سان خوارجين جي ڪرندڙ حوصلي کي بحال ڪري سگهجي. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته عبوري افغان حڪومت کي گهرجي ته هو ٺوس قدم کڻي ته جيئن افغان سرزمين کي خارجي پراڪسيز طرفان پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال نه ڪري سگهجي. هي واقعو هڪ دفعو ٻيهر ان موقف جي تصديق ڪري ٿو ته افغان سرزمين کي فتنه الخوارج جي خوارجين طرفان پاڪستان خلاف محفوظ پناهه طور استعمال ڪيو پيو وڃي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ جي سرحدن جي دفاع جي عزم تي مضبوطي سان قائم آهي. علائقي ۾ ڀارتي حمايت يافته خوارجين جي خاتمي لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن جاري آهي. سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عزم ۽ استحڪام جي ويزن تحت دهشتگردي خلاف مهم کي پوري قوت سان جاري رکندا ته جيئن پرڏيهي حمايت يافته دهشتگردي جي ناسور کي پاڙ کان ختم ڪري سگهجي.