اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ماهرنگ بلوچ جي نظربندي بابت ڪيس پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو. جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ پنج رڪني آئيني بينچ خميس ڏينهن ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ معاملو ڪميٽي جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڏنو. ٻڌڻي دوران ماهرنگ بلوچ ۽ ٻين طرفان وڪيل فيصل صديقي پيش ٿيو، هن موقف اختيار ڪيو ته هي آئيني بين جو …
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ماهرنگ بلوچ جي نظربندي بابت ڪيس پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو
اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ماهرنگ بلوچ جي نظربندي بابت ڪيس پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو. جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ پنج رڪني آئيني بينچ خميس ڏينهن ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ معاملو ڪميٽي جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڏنو. ٻڌڻي دوران ماهرنگ بلوچ ۽ ٻين طرفان وڪيل فيصل صديقي پيش ٿيو، هن موقف اختيار ڪيو ته هي آئيني بين جو نه پر ريگولر بينچ جو ڪيس آهي، جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏنا ته اوهان ايم پي او (مينٽيننس آف پبلڪ آرڊر) کي چئلينج ڪيو آهي، ان صورت ۾ هي آئيني بينچ جو ڪيس بڻجي ٿو. وڪيل فيصل صديقي موقف پيش ڪيو ته اسان اپيل ۾ قانون جي تشريح ناهي گهري، اسان صرف ايم پي او آرڊر کي چئلينج ڪيو آهي، ان کانپوءِ عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ڪيس پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.











