بيجنگ-30 آڪٽوبر(اي پي پي ) چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته چين ۽ آمريڪا جي ڳالهين وارين ٽيمن ٻه طرفي واپار ۽ معيشت بابت اهم مسئلن جي حل تي بنيادي اتفاق راءِ حاصل ڪري ورتي آهي. هن اهو بيان ڏکڻ ڪوريا جي شهر بوسان ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات دوران ڏنو. شي جن پنگ موجب اسان جي واپاري ۽ اقتصادي ٽيمن ان اهم معاملي جي …
چين ۽ آمريڪا وچ ۾ اهم اقتصادي مسئلن جي حل تي اتفاق ٿي ويو
بيجنگ-30 آڪٽوبر(اي پي پي ) چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته چين ۽ آمريڪا جي ڳالهين وارين ٽيمن ٻه طرفي واپار ۽ معيشت بابت اهم مسئلن جي حل تي بنيادي اتفاق راءِ حاصل ڪري ورتي آهي. هن اهو بيان ڏکڻ ڪوريا جي شهر بوسان ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات دوران ڏنو. شي جن پنگ موجب اسان جي واپاري ۽ اقتصادي ٽيمن ان اهم معاملي جي حل جي طريقيڪارتي بنيادي اتفاق ڪيو آهي. جن تي ٻنهي ملڪن کي ڳڻتي هئي ۽ ان سلسلي ۾ حوصله افزا اڳڀرائي ٿي آهي. چيني صدر زور ڀريو آهي ته چين ۽ آمريڪا هڪ ٻئي جي ڪاميابي ۽ گڏيل خوشحالي ۾ مدد ڪري سگهن ٿا. آمريڪي صدر به ان موقعي تي اميد ظاهر ڪئي ته بوسان ۾ ٿيندڙ ملاقات ٻنهي ملڪن وچ ۾ مستقبل جي واپار جي حوالي سان نرمي آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.








