برسلز – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) يورپي يونين، بيلجئيم ۽ لڪسمبرگ ۾ پاڪستان جي سفير رحيم حيات قريشي ڪشميرين جي خوداراديت واري حق لاءِ پاڪستان جي پختي حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان سمورن عالمي فورمز تي ڪشميرين جو آواز بلند ڪندو رهندو. انهن خيالن جو اظهار هن برسلز ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي انتظام هيٺ 27 آڪٽوبر 1947ع جي ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي مناسبت سان منعقد تقريب کي …
پاڪستان سمورن عالمي فورمز تي ڪشميرين جو آواز بلند ڪندو رهندو: سفير رحيم حيات قريشي
برسلز – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) يورپي يونين، بيلجئيم ۽ لڪسمبرگ ۾ پاڪستان جي سفير رحيم حيات قريشي ڪشميرين جي خوداراديت واري حق لاءِ پاڪستان جي پختي حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان سمورن عالمي فورمز تي ڪشميرين جو آواز بلند ڪندو رهندو. انهن خيالن جو اظهار هن برسلز ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي انتظام هيٺ 27 آڪٽوبر 1947ع جي ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي مناسبت سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان ڏينهن ڀارتي فوج ڄمون ڪشمير ۾ غير قانوني طور تي داخل ٿي جنهن سان ڀارتي قبضي ۽ ظلم جي هڪ ڊگهي باب جي شروعات ٿي. تقريب ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن مطابق خوداراديت وارو حق حاصل ڪرڻ ۾ ڪشميري عوام جي ڏهاڪن کان جاري جدوجهد ۽ قربانين کي اجاگر ڪيو ويو. تقريب ۾ پاڪستاني ۽ ڪشميري پرڏيهين، انساني حقن جي ڪارڪنن ۽ مقامي ۽ عالمي ميڊيا جي نمائندن شرڪت ڪئي. پروگرام جي شروعات ڪلام پاڪ جي تلاوت سان ٿي جنهن کانپوءِ صدر مملڪت ۽ وزيراعظم جا پيغام پڙهي ٻڌايا ويا. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جو هڪ ويڊيو پيغام به ڏيکاريو ويو جنهن ۾ ڪشميري عوام جي خوداراديت وارو حق حاصل ڪرڻ تائين پاڪستان جي ثابت قدم سفارتي، اخلاقي ۽ سياسي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ويو.











