سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان طرفان بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائين تي خراج تحسين

اسلام آباد - 30 آڪٽوبر(اي پي پي)سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فوسز جي ڪامياب ڪارروائين تي خراج تحسين ۽ وطن جي شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته دشمن جا ناپاڪ عزم ناڪام بڻائڻ لاءِ سموري قوم متحد آهي، وڌيڪ ڪارروائيون جاري آهن، هر سطح تي دشمن جي سازشن کي روڪيو ويندو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق هن چيو ته بلوچستان آپريشن …

اسلام آباد – 30 آڪٽوبر(اي پي پي)سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فوسز جي ڪامياب ڪارروائين تي خراج تحسين ۽ وطن جي شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته دشمن جا ناپاڪ عزم ناڪام بڻائڻ لاءِ سموري قوم متحد آهي، وڌيڪ ڪارروائيون جاري آهن، هر سطح تي دشمن جي سازشن کي روڪيو ويندو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق هن چيو ته بلوچستان آپريشن دوران پاڪ فورسز جي بهادري ۽ پيشيوراڻي صلاحيت واکاڻ جوڳي آهي، هٿ ڪيل هٿيار ۽ بارودي مواد ڀارتي سرپرستي جي واضح نشاندهي آهي. دشمن جا ناپاڪ عزم ناڪام بڻايا ويندا. قوم متحد آهي. سيدال خان چيو ته انهن جون قربانيون پاڪستان جي روشن مستقبل جي ضمانت آهن، سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا قوم لاءِ فخر جو سبب آهن. هن چيو ته پاڪستان تي ڪنهن به ڀارتي حمايت يافته گروهه کي ٽڪڻ نه ڏنو ويندو، پاڪستاني قوم ۽ هٿياربند فوج دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، وڌيڪ ڪارروائيون جاري آهن، هر سطح تي دشمن جي سازشن کي روڪيو ويندو. هن چيو ته پختي عزم، ارادي ۽ يڪجهتي سان امن جو قيام ممڪن بڻائي سگهجي ٿو، فورسز جي پيشيوراڻي ڪارڪردگي عوامي تحفظ جي ضمانت آهي.