اسلام آباد - 30 آڪٽوبر(اي پي پي)ڪسٽم ڪليڪٽوريٽ جي ڪارگو ڪنٽرول يونٽ انٽرنيشنل ميل ذريعي ڪراچي هوائي اڏي تي منشيات اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي آهي. ايف بي آر طرفان گذريل ڏينهن جاري بيان مطابق ٿائيلينڊ مان موڪليل ٽن دٻن ۾ لڪايل 2.19 ڪلوگرام چرس هٿ ڪيو ويو جنهن جي ماليت جو ڪاٿو اٽڪل 67.5 ملين رپيا لڳايو ويو آهي. انهن دٻن تي دوکو ڏيڻ لاءِ ٿائيلينڊ جي …
ڪسٽم ڪليڪٽوريٽ پاران ڪراچي هوائي اڏي تان ڪروڙين روپين جي ماليت جي منشيات اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام
اسلام آباد – 30 آڪٽوبر(اي پي پي)ڪسٽم ڪليڪٽوريٽ جي ڪارگو ڪنٽرول يونٽ انٽرنيشنل ميل ذريعي ڪراچي هوائي اڏي تي منشيات اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي آهي. ايف بي آر طرفان گذريل ڏينهن جاري بيان مطابق ٿائيلينڊ مان موڪليل ٽن دٻن ۾ لڪايل 2.19 ڪلوگرام چرس هٿ ڪيو ويو جنهن جي ماليت جو ڪاٿو اٽڪل 67.5 ملين رپيا لڳايو ويو آهي. انهن دٻن تي دوکو ڏيڻ لاءِ ٿائيلينڊ جي ريڊ ٽي جا ليبل لڳايا ويا هئا. عالمي سطح تي اي ڪامرس ۾ تيزي سان اضافي سبب سرحد پار واپار ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. ڪسٽمز مطابق سخت نگراني ۽ موثر ڪارروائين ذريعي معاشري کي نقصان ده سرگرمين کان محفوظ ڪيو پيو وڃي.ايف بي آر انٽرنيشنل ميل سميت ڪنهن به ذريعي سان منشيات جي اسمگلنگ خلاف سخت نگراني جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي.











