رياض _ 30 آڪٽوبر(اي پي پي) سعودي عرب جي حرمين الشريفين جي معاملن بابت اداري اردو سميت ڪيترين ئي ٻولين ۾ زائرين لاءِ ڊجيٽل رهنما ايپ جي سهولت فراهم ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اداري چيو آهي ته ڊجيٽل رهنما ايپ ذريعي پانڌيئڙا حرمين ۾ نماز جو وقت، آئمه حرمين ۽ موذنين جو تعارف، قرآن ڪريم جا ڊجيٽل نسخه، جمعي جا خطبا ۽ حرمين الشريفين ۾ ٿيندڙ درس …
سعودي عرب ۾ زائرين لاءِ اردو سميت ڪيترين ئي ٻولين ۾ ڊجيٽل رهنما ايپ جي سهولت فراهم
رياض _ 30 آڪٽوبر(اي پي پي) سعودي عرب جي حرمين الشريفين جي معاملن بابت اداري اردو سميت ڪيترين ئي ٻولين ۾ زائرين لاءِ ڊجيٽل رهنما ايپ جي سهولت فراهم ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اداري چيو آهي ته ڊجيٽل رهنما ايپ ذريعي پانڌيئڙا حرمين ۾ نماز جو وقت، آئمه حرمين ۽ موذنين جو تعارف، قرآن ڪريم جا ڊجيٽل نسخه، جمعي جا خطبا ۽ حرمين الشريفين ۾ ٿيندڙ درس کان علاوه مسنون ذڪر به ڏسي سگهندا. رمضان شريف ۾ اعتڪاف جي حوالي سان مڪمل رهنمائي بابت ان پليٽ فارم تي تفصيل موجود آهن. نماز جي وقت بابت ڊجيٽل واچ جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي جنهن ذريعي هڪ کان ٻي نماز وچ ۾ وقت جي نشاندهي ڪئي ويندي آهي. ڊجيٽل گائيڊ عربي، اردو، انگريزي، ترڪيه ، فرانسيسي، ملاوي ۽ انڊونيشيائي ٻولين ۾ فراهم ڪئي وئي آهي، جنهن جي استعمال کي به انتهائي آسان بڻايو ويو آهي . گائيڊ کي پنهنجي موبائل اسڪرين تي اسڪين ڪرڻ لاءِ حرمين الشريفين ۾ مختلف هنڌن تي ڪيو آرڪوڊ موجود آهن جن کي اسڪين ڪرڻ بعد ڊجيٽل گائيڊ کي پنهنجي موبائل تي انسٽال ڪري روحاني تجربن مان فيضياب ٿي سگهجي ٿو.








