واشنگٽن -30 آڪٽوبر(اي پي پي) آمريڪا، رومانيا کي اطلاع ڏنو آهي ته هو نيٽو جي اوڀر وارن ملڪن ۾ مقرر پنهنجي فوج جي انگ ۾ گهٽتائي آڻيندو، آمريڪي فوج وضاحت ڪئي آهي ته فوجي جٿن جي واپسي جو مطلب يورپ مان نڪري وڃڻ نه آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب جاري ڪيل بيان ۾ آمريڪي فوج چيو آهي ته يورپ مان آمريڪي فوج جو نڪري وڃڻ واپسي ناهي ۽ نه ئي ان …
اوڀر وارن ملڪن ۾ مقرر فوج جي انگ ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي:نيٽو
واشنگٽن -30 آڪٽوبر(اي پي پي) آمريڪا، رومانيا کي اطلاع ڏنو آهي ته هو نيٽو جي اوڀر وارن ملڪن ۾ مقرر پنهنجي فوج جي انگ ۾ گهٽتائي آڻيندو، آمريڪي فوج وضاحت ڪئي آهي ته فوجي جٿن جي واپسي جو مطلب يورپ مان نڪري وڃڻ نه آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب جاري ڪيل بيان ۾ آمريڪي فوج چيو آهي ته يورپ مان آمريڪي فوج جو نڪري وڃڻ واپسي ناهي ۽ نه ئي ان ڳالهه جي علامت آهي ته نيٽو يا ان جي آرٽيڪل فائيو تحت آمريڪا جو عزم ڪمزور ٿيو آهي.آرٽيڪل فائيو موجب، نيٽو جي 32 ملڪن مان هر هڪ ان وقت مدد فراهم ڪرڻ جو پابند آهي،جڏهن ڪنهن ميمبر ملڪ تي حملو ٿئي.ٻئي پاسي نيٽو به ان اڳڀرائي کي گهٽ اهم قرار ڏيندي چيو ته آمريڪا جي ان فيصلي سان اتحاد کي پهريان کان اطلاع ڏنو ويو هو. نيٽو جي هڪ عهديدار ٻڌايو ته اها هڪ رڳو تبديلي آهي ڪو غير معمولي قدم ناهي. هن وڌيڪ چيو ته ان تبديلي باوجود يورپ ۾ آمريڪي فوج جي موجودگي هاڻي به ڪيترن ئي سالن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. سال 2022 جي عرصي جي ڀيٽ ۾ هن وقت يورپ ۾ آمريڪي فوجين جو انگ وڌيڪ آهي.








