واشنگٽن -30 آڪٽوبر(اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته کيس ٽئين مدي لاءِ صدارتي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ناهي ۽ هن آمريڪي آئين ۾ لکيل حدن کي تسليم ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس حامي 2028ع ۾ 79 سالن جي صدر جي ٻيهر چونڊ وڙهڻ جي امڪان تي ڳالهيون ڪندا رهيا آهن جنهن سان سندس مخالفن ۾ ڳڻتي ۽ حامين ۾ خوشي جي لهر پيدا ٿي …
ٽئين عرصي لاءِ چونڊن ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت ناهي،افسوس جي ڳالهه آهي: ڊونلڊ ٽرمپ
واشنگٽن -30 آڪٽوبر(اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته کيس ٽئين مدي لاءِ صدارتي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ناهي ۽ هن آمريڪي آئين ۾ لکيل حدن کي تسليم ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس حامي 2028ع ۾ 79 سالن جي صدر جي ٻيهر چونڊ وڙهڻ جي امڪان تي ڳالهيون ڪندا رهيا آهن جنهن سان سندس مخالفن ۾ ڳڻتي ۽ حامين ۾ خوشي جي لهر پيدا ٿي آهي.آمريڪي صدر ايئر فورس ون تي چيو ته منهنجا ووٽ هاڻي تائين سڀ کان وڌيڪ آهن جيڪو ڪجهه مان پڙهيو آهي ان موجب شايد مونکي چونڊن ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت ناهي، ڏسون ٿا ڇا ٿو ٿئي اها ڏک جهڙي ڳالهه آهي.








