بيجنگ -30 آڪٽوبر(اي پي پي)چين خلائي اسٽيشن تي ڪوئن تي تجربا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق چين جي انسان بردار خلائي پروگرام تحت شينزو -21 مشن دوران خلا ۾ پهريون ڀيرو ڪوئن تي سائنسي تجربا ڪيا ويندا. اهي تجربا چين مينڊ اسپيس ايجنسي(اي يم ايس اي) جي نگراني ۾ ڪيا ويندا. ايجنسي جي ترجمان زانگ جنگ بو پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته 4 ڪوئا خلائي جهاز …
چين پاران خلائي اسٽيشن تي ڪوئن تي تجربا ڪرڻ جو اعلان
بيجنگ -30 آڪٽوبر(اي پي پي)چين خلائي اسٽيشن تي ڪوئن تي تجربا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق چين جي انسان بردار خلائي پروگرام تحت شينزو -21 مشن دوران خلا ۾ پهريون ڀيرو ڪوئن تي سائنسي تجربا ڪيا ويندا. اهي تجربا چين مينڊ اسپيس ايجنسي(اي يم ايس اي) جي نگراني ۾ ڪيا ويندا. ايجنسي جي ترجمان زانگ جنگ بو پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته 4 ڪوئا خلائي جهاز ذريعي چين جي خلائي اسٽيشن تي موڪليا ويندا، جتي کين مخصوص تجرباتي ڪيبن ۾ رکيو ويندو. زانگ مطابق، اهو پهريون موقعو آهي جڏهن چين ڪنهن مماليه جانور تي خلا ۾ تجربه ڪندو. ان تحقيق جو مقصد خلا جي ماحول خاص ڪري مائيڪرو گريوٽي ۽ بند خلائي ماحول جي حيواني روين ۽ جسماني نظام تي اثرن جو مطالعو ڪرڻ آهي. ترجمان ٻڌايو ته مشن مڪمل ٿيڻ کان پوءِ اهي ڪوئا هڪ خاص خلائي جهاز ذريعي زمين تي واپس آندا ويندا، جتي سائنسدان انهن جي عضون ۽ حياتياتي رد عمل ۾ خلا بابت تبديلين جو تجزيو ڪندا. شينزو -21 خلائي جهاز کي خميس تي 11:44 منٽن تي (بيجنگ جي وقت ) مطابق اتر اولهه چين جي جيو چوان سيٽلائٽ لانچ سينٽر تان روانو ڪيو ويندو.








