سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان چين جي نائب صدر هان زينگ جي ملاقات، گڏيل سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق

رياض - 30 آڪٽوبر(اي پي پي)سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان چين جي نائب صدر هان زينگ رياض ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن اعلى سطح جي رابطن ۽ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي خابرو اداري  چين جي پرڏيهي وزارت جي حوالي سان ٻڌايو ته اها ملاقات رياض ۾ منعقد ” فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو (ايف آءِ آءِ) ڪانفرنس جي موقعي …

رياض – 30 آڪٽوبر(اي پي پي)سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان چين جي نائب صدر هان زينگ رياض ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن اعلى سطح جي رابطن ۽ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي خابرو اداري  چين جي پرڏيهي وزارت جي حوالي سان ٻڌايو ته اها ملاقات رياض ۾ منعقد ” فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو (ايف آءِ آءِ) ڪانفرنس جي موقعي تي ٿي، جنهن کي سعودي عرب جي سالياني اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي سڀ کان اهم تقريب سمجهيو وڃي ٿو. نائب صدر هان زينگ ملاقات دوران چيو ته چين سعودي عرب سان ويجها رابطا برقرار رکڻ، اعليٰ سطح جي رابطن جي  مٽاسٽا کي وڌائڻ ۽ بنيادي قومي مفادن لاءِ هڪ ٻئي جي حمايت جو خواهشمند آهي.هان زينگ ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن خطاب به ڪيو جنهن ۾ هن چين ۽ سعودي عرب جي لاڳاپن کي گهڻ رخي شراڪتداري جي نئين دور طرف وڌائڻ جو اشارو ڏنو.