گڏيل قومون-29 آڪٽوبر(اي پي پي) گڏيل قومن، پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ استنبول ۾ ٿيل ڳالهين جي ناڪام ٿيڻ تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڳالهين ۾ تعطل يقيني ڳڻتي جو سبب آهي. هن چيو ته اسان اميد ڪريون ٿا ته ٻنهي پاڙيسري ملڪن وچ ۾ جنگبندي برقرار رهندي ۽ جنگ ٻيهر شروع نه ٿيندي.
گڏيل قومن پاران پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ڳالهيون ناڪام ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار