پيانگ يانگ- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) اتر ڪوريا سمنڊ کان زمين تي مار ڪندڙ اسٽريٽجڪ ڪروز ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اهو تجربو ٻيٽ نما ڪوريا جي اولهندي سامونڊي علائقي ۾ ڪيو ويو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهو ميزائل هڪ سامونڊي جهاز تان عمودي انداز ۾ فائر ڪيو ويو ۽ 7،800 سيڪنڊن تائين پنهنجي مقرر رستي تي اڏام ڪندي هدف کي ڪاميابي …
اتر ڪوريا پاران سمنڊ کان زمين تي مار ڪندڙ اسٽريٽجڪ ڪروز ميزئل جو ڪامياب تجربو
پيانگ يانگ- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) اتر ڪوريا سمنڊ کان زمين تي مار ڪندڙ اسٽريٽجڪ ڪروز ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اهو تجربو ٻيٽ نما ڪوريا جي اولهندي سامونڊي علائقي ۾ ڪيو ويو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهو ميزائل هڪ سامونڊي جهاز تان عمودي انداز ۾ فائر ڪيو ويو ۽ 7،800 سيڪنڊن تائين پنهنجي مقرر رستي تي اڏام ڪندي هدف کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ميزائل سسٽم کي سامونڊي جهاز تان لانچ ڪرڻ لاءِ جديد گهرجن مطابق بهتر بڻايو ويو آهي. تجربي جي تاريخ، هدف جا تفصيل يا فوجي اختيارين جي بيانن بابت ڪي به وڌيڪ تفصيل جاري ناهن ڪيا.








