تهران- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) ايران چيو آهي ته آمريڪي عسڪري حملي جو امڪان اڃا به موجود آهي ۽ حملو ڪهڙي به وقت ٿي سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته مستقبل ۾ ڪنهن به قسم جي ڳالهين لاءِ اسان کي پنهنجن اڳوڻن تجربن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا جون ايران خلاف عالمي قانونن جي ڀڃڪڙين …
اسان تي آمريڪا جي نئين حملي جو امڪان اڃان به موجود آهي: ايران
تهران- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) ايران چيو آهي ته آمريڪي عسڪري حملي جو امڪان اڃا به موجود آهي ۽ حملو ڪهڙي به وقت ٿي سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته مستقبل ۾ ڪنهن به قسم جي ڳالهين لاءِ اسان کي پنهنجن اڳوڻن تجربن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا جون ايران خلاف عالمي قانونن جي ڀڃڪڙين جا ڪيترائي مثال موجود آهن. ايران هميشه چوندو آيو آهي ته سمورا آپشن ميز تي آهن، ان ڪري اسان کي هر وقت تيار رهڻ گهرجي. هن زور ڀريو ته آمريڪي ڌر سان ايندڙ ڳالهين ۾ ماضي جي تجربن کي لازمي طور تي نظر ۾ رکڻ گهرجي. عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي ( آءِ اي اي اي) بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ ترجمان وضاحت ڪئي ته ايران ؛ايٽمي هٿيارن جي عدم پکيڙ جي معاهدي (اين پي ٽي) تحت سهڪار جاري رکندو،۽ اهو سهڪار ايران جي پارليامينٽ جي فيصلي موجب هوندو.








