گڏيل قومن پاران موسمياتي تبديلين بابت نئين رپورٽ جاري، عالمي سطح تي موسمياتي هدفن لاءِ اڳڀرائي

گڏيل قومون- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي فريم ورڪ ڪنوينشن آن ڪلائميٽ چينج (يو اين ايف سي سي سي) 2025ع لاءِ پنهنجي قومي سطح تي طئي ٿيل شراڪتن(اين ڊي سي ايس) جي رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ ماحولياتي قدمن جي معيار، شفافيت ۽ معاشي دائره ڪار ۾ بهتري ڏسڻ ۾ آئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 64 ملڪن نوان قومي ماحولياتي هدف ۽ منصوبا …

گڏيل قومون- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي فريم ورڪ ڪنوينشن آن ڪلائميٽ چينج (يو اين ايف سي سي سي) 2025ع لاءِ پنهنجي قومي سطح تي طئي ٿيل شراڪتن(اين ڊي سي ايس) جي رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ ماحولياتي قدمن جي معيار، شفافيت ۽ معاشي دائره ڪار ۾ بهتري ڏسڻ ۾ آئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 64 ملڪن نوان قومي ماحولياتي هدف ۽ منصوبا جمع ڪرايا آهن، جيڪي فرانس معاهدي تحت 2019ع جي عالمي ڪاربن اخراج جو اٽڪل 30 سيڪڙو احاطو ڪن ٿا. انهن منصوبن ۾ ڪاربن اخراج جي گهٽتائي جا نوان هدف طئي ڪيا ويا آهن جيڪي ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ جامع ۽ تيز رفتار آهن، جڏهن ته مجموعي طورتي گهٽتائي جي رفتار اڃان به گهربل حد تائين ناهي پهتي. يو اين ايف سي سي مطابق اهي قدم معيشت، روزگار ، صحت ، توانائي جي سيڪيورٽي ۽ ٻين پاليسي شعبن ۾ موسمياتي عمل کي اهم ٿنڀ بڻائي رهيا آهن، پر اڃان به تيز ۽ گهري ڪاربن گهٽتائي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي.گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفين ڊوجارڪ چيو آهي ته تازي ڪاٿي مان ظاهر ٿئي ٿو ته 2035ع تائين عالمي اخراج ۾ اٽڪل 10 سيڪڙو گهٽتائي ممڪن آهي، ۽ ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ جي عالمي حد کي برقرار رکڻ ممڪن ۽ ضروري آهي. هن چيو ته سائنس واضع ڪري ٿي ته جيڪڏهن فوري ۽ اثرائتا قدم کنيا وڃن ته گرمي پد کي ان حد جي اندر آڻي سگهجي ٿو.