بيجنگ- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) چين چيو آهي ته تائيوان جي عليحدگي جي سرگرمين جي تحقيقات قومي وحدت جي تحفظ لاءِ درست قدم آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي رياستي ڪائونسل جي تائيوان جي معاملن جي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته” تائيوان جي آزادي“ جي حامي شن پايانگ خلاف عليحدگي پسندي جي الزامن تي پوليس پاران تحقيقات هڪ جائز ۽ ضروري قدم آهي جنهن جو مقصد وحدت ۽ …
تائيوان جي عليحدگي جي سرگرمين جي تحقيقات قومي وحدت جي تحفظ لاءِ درست قدم آهي: چين
بيجنگ- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) چين چيو آهي ته تائيوان جي عليحدگي جي سرگرمين جي تحقيقات قومي وحدت جي تحفظ لاءِ درست قدم آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي رياستي ڪائونسل جي تائيوان جي معاملن جي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته” تائيوان جي آزادي“ جي حامي شن پايانگ خلاف عليحدگي پسندي جي الزامن تي پوليس پاران تحقيقات هڪ جائز ۽ ضروري قدم آهي جنهن جو مقصد وحدت ۽ سلامتي جو تحفظ آهي. ترجمان چن بن هوا ٻڌايو ته چونگ چهنگ شهر جي پوليس شن پايانگ خلاف فوجداري تحقيقات شروع ڪئي آهي. جنهن تي الزام آهي ته هن ڪومااڪيڊمي جي نالي سان هڪ عليحدگي پسند تنظيم قائم ڪئي هئي. چن بن هوا چيو ته قانون موجب تائيوان جي آزادي جي انتها محدود پر خطرناڪ عنصرن خلاف سخت ڪارروائي جو مقصد اڪثر تائيوان جي عوام جي مفادن ۽ خوشحالي جو تحفظ آهي، ان کان علاوه قومي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي کي برقرار رکڻ آهي.








