روس پاران نئين ميزائيل جوتجربو نامناسب آهي: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي روس جي هم منصب ولاديمير پيوٽن جي ان اعلان کي نامناسب قرار ڏنو آهي جنهن ۾ هن ايٽمي توانائي تي هلندڙ هڪ ڪروز ميزائيل جي تجربي جو انڪشاف ڪيو هو. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر سومر ڏينهن صدارتي جهاز ايئر فورس ون ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته روس کي جنگ ختم ڪرڻ گهرجي، اها جنگ جيڪا هڪ هفتي اندر ختم …

واشنگٽن- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي روس جي هم منصب ولاديمير پيوٽن جي ان اعلان کي نامناسب قرار ڏنو آهي جنهن ۾ هن ايٽمي توانائي تي هلندڙ هڪ ڪروز ميزائيل جي تجربي جو انڪشاف ڪيو هو. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر سومر ڏينهن صدارتي جهاز ايئر فورس ون ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته روس کي جنگ ختم ڪرڻ گهرجي، اها جنگ جيڪا هڪ هفتي اندر ختم ڪرڻ گهرجي ها هاڻي اها چوٿين سال جي ويجهو پهچي چڪي آهي. روس کي ميزائيل آزمائڻ بجاءِ جنگ ختم ڪرڻ طرف وڌڻ گهرجي.