بيونس آئرس - 27 آڪٽوبر(اي پي پي) ارجنٽينا ۾ مسافر بس ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر سبب گهٽ ۾ گهٽ 13 ماڻهو فوت ٿي ويا. تفصيل مطابق ارجنٽينا جي اتر اوڀر صوبي ميسيونيس ۾ مسافر بس ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر سبب گهٽ ۾ گهٽ 13 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق مقامي اختيارين مطابق اهو حادثو صبح جو 4 لڳي 30 …
ارجنٽينا ۾ بس ۽ ڪار ۾ ٽڪر، 13 ماڻهو اجل جو شڪار، 30 کان وڌيڪ زخمي
بيونس آئرس – 27 آڪٽوبر(اي پي پي) ارجنٽينا ۾ مسافر بس ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر سبب گهٽ ۾ گهٽ 13 ماڻهو فوت ٿي ويا. تفصيل مطابق ارجنٽينا جي اتر اوڀر صوبي ميسيونيس ۾ مسافر بس ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر سبب گهٽ ۾ گهٽ 13 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق مقامي اختيارين مطابق اهو حادثو صبح جو 4 لڳي 30 منٽن تي شديد ڪوهيڙي دوران هڪ پل تي پيش آيو. ٽڪر جي نتيجي ۾ بس جيڪا شهراوبراه کان پورٽواگوازو وڃي رهي هئي پل تان هيٺ هڪ ندي ۾ وڃي ڪري. صوبائي حڪومت جي بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته حادثو نيشنل روٽ تي پيش آيو بس ۾ اٽڪل 50 مسافر سوار هئا. صوبائي صحت واري وزير مطابق حادثي بعد 30 کان وڌيڪ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. اختيارين ٻڌايو ته حادثي جي جاچ جاري آهي.








