عالمي برادري مذهب کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ، ڪجهه علائقن ۾ مسلمانن سان منظم اڻبرابري جو سلوڪ اختيار ڪرڻ جهڙن رجحانن خلاف سخت قدم کڻي: پاڪستان

گڏيل قومون-24 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪستان عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته اها مذهب کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ، پوري برادري جي توهين ڪرڻ ۽ ڪجهه علائقن ۾ مسلمانن سان منظم اڻبرابري جو سلوڪ اختيار ڪرڻ جهڙن رجحانن خلاف سخت قدم کڻي.گڏيل قومن ۾ پاڪستان مشن ۾ قونصلر صائمه سليم سماجي، ثقافتي ۽ انساني معاملن بابت گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ٿرڊ ڪميٽي کي ٻڌايو ته اسان …

گڏيل قومون-24 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪستان عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته اها مذهب کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ، پوري برادري جي توهين ڪرڻ ۽ ڪجهه علائقن ۾ مسلمانن سان منظم اڻبرابري جو سلوڪ اختيار ڪرڻ جهڙن رجحانن خلاف سخت قدم کڻي.گڏيل قومن ۾ پاڪستان مشن ۾ قونصلر صائمه سليم سماجي، ثقافتي ۽ انساني معاملن بابت گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ٿرڊ ڪميٽي کي ٻڌايو ته اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ اسان انتهاپسند نظريي جا المناڪ نتيجا ڏٺا آهن جيڪي ثقافتي ۽ مذهبي واڌ ويجهه کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا. هن اقليتن جي حقن بابت خصوصي نمائندي نيڪولس ليورت سان ڳالهائيندي چيو ته ڀارت ۾ اڻبرابري واري شهري قانون تحت، اقليتن جي عبادتگاهن تي حملا، ڪوڙي معلومات تي ٻڌل مهم، نسل ڪشي جا مطالبا ۽ اقليتن خلاف نفرت انگيز سياسي بيانيو هاڻي سندن سرڪاري پاليسي جو حصو بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته پاڪستان سڄي دنيا ۾ وڌندڙ اسلاموفوبيا، عدم برداشت ۽ ساڄي ڌر جي انتهاپسندي جيڪا اقليتن خاص ڪري مسلمانن کي نشانو بڻائي رهي آهي ان تي سخت ڳڻتي رکي ٿو. هن خبردار ڪيو ته اهڙا رجحان نه رڳو انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهن پر شموليتي ترقي ۽ عالمي امن لاءِ پڻ خطرو آهن. پاڪستاني نمائندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته گڏيل قومن کي انساني حقن جي عالمي قانونن موجب اقليتن جي حقن جي تحفظ کي مضبوط بڻائڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پاڪستاني نمائندي چيو ته اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ پاڪستان جو عزم ملڪ جي آئين ۽ قائد اعظم محمد علي جناح جي ويزن ۾ شامل آهي. جنهن سمورن شهرين لاءِ برابر ۽ مذهبي آزادي کي برقرار رکيو آهي.هن چيو ته سمورين چئلينجز باوجود پاڪستان اقليتن ۽ انساني حقن بابت قومي ڪميشن جهڙن ادارن ذريعي شموليت ۽ احترام کي هٿي وٺرائي آهي. اقليتن کي پارليامينٽ ۾ مخصوص سيٽن ۽ بلدياتي ادارن ذريعي نمائندگي حاصل آهي. ان کان علاوه عدالتي ۽ انتظامي طريقيڪار ذريعي اڻبرابري جي سلوڪ خلاف فوري ۽ اثرائتو انصاف فراهم ڪيو ويندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته تعليمي سڌارن ذريعي معاشري ۾ رواداري، گڏيل احترام ۽ سماجي هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي ته جيئن مختلف برادرين وچ ۾ اعتماد ۽ يڪجهتي کي مضبوط بڻائي سگهجي.