سنڌ پوليس کي شڪارپور ڪچي جي آپريشن ۾ وڏي ڪاميابي، 71 ڌاڙيلن هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا

شڪارپور-22 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ پوليس کي شڪارپور جي ڪچي جي آپريشن ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آهي،71 ڌاڙيلن قانون آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا. شڪارپور پوليس گرائونڊ ۾ سرينڊر تقريب جو انتظام ڪيو ويو، جنهن ۾ صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ، سيڪٽر ڪمانڊر رينجرز برگيڊيئر سيد نديم شاهه ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب شرڪت ڪئي. تقريب ۾ 71 …

شڪارپور-22 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ پوليس کي شڪارپور جي ڪچي جي آپريشن ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آهي،71 ڌاڙيلن قانون آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا. شڪارپور پوليس گرائونڊ ۾ سرينڊر تقريب جو انتظام ڪيو ويو، جنهن ۾ صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ، سيڪٽر ڪمانڊر رينجرز برگيڊيئر سيد نديم شاهه ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب شرڪت ڪئي. تقريب ۾ 71 ڌاڙيلن قانون جي آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا، جڏهن ته 282 پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائي ڇڏيو. ان موقعي تي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب چيو رياست ڪڏهن به ڪمزور نه ٿيندي، امن چاهيندڙن کي عزت ۽ سهولت ملندي، قانون جي طاقت ناممڪن کي ممڪن بڻائي ٿي. هن چيو ته آپريشن دوران 105 ڌاڙيل ماريا ويا، 177 زخمي ٿيا، 334 گرفتار ۽ 209 کان وڌيڪ هٿيار ھٿ ڪيا ويا. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو موجب گذريل 8 مهينن ۾ ڀُنگ لاءِ اغوا جي ڪا به واردات رپورٽ نه ٿي آهي. سرينڊر تقريب شڪارپور ۾ امن جي نئين دور جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.