سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي ملاقات

ڪراچي-21 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم (پاڪستان)  جو چيئرمين ۽ وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، ايم ڪيو ايم پاڪستان جا سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ امين الحق به موجود هئا. ملاقات ۾ ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال، ترقياتي رٿائن ۾ موجود رڪاوٽن ۽ مذهبي هم …

ڪراچي-21 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم (پاڪستان)  جو چيئرمين ۽ وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، ايم ڪيو ايم پاڪستان جا سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ امين الحق به موجود هئا. ملاقات ۾ ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال، ترقياتي رٿائن ۾ موجود رڪاوٽن ۽ مذهبي هم آهنگي تي ڳالهه ٻولهه ٿي. گورنر هائوس مان جاري پريس رليز موجب ان موقعي تي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو ته وفاقي گهرو وزير محسن نقوي نه فقط اسان جا مسئلا ٻڌندو آهي پر انهن کي حل به ڪرائيندو آهي. اميد آهي ته وفاقي گهرو وزير ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال جي بهتري لاءِ ڪم ڪندو. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي خاطري ڪرائي ته ڪراچي جي ترقياتي رٿائن ۾ موجود رڪاوٽون جلد ختم ڪيون وينديون. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ امن امان جي بهتري لاءِ ڀرپور ڪم ڪنداسين.

مزید خبریں