ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ ”ڪاليج اسپورٽس چيمپيئن شپ 2025ع“ جي رنگا رنگ تقريب

ڄامشورو-21 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ ”ڪاليج اسپورٽس چيمپيئن شپ 2025“ جي رنگا رنگ افتتاحي تقريب منعقد ٿي، تقريب جو باقاعده افتتاح ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي ۽ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ڪموڊور پرنسپال فيصل اقبال قاضي (ستارا امتياز ملٽري ) ڪيو. افتتاحي تقريب ۾ شاگردن مارچ پاسٽ پيش ڪيو، جڏهن ته مختلف راندين جي نمائندگي ڪندڙ ڪيڊٽس شاندار انداز ۾ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو.  …

ڄامشورو-21 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ ”ڪاليج اسپورٽس چيمپيئن شپ 2025“ جي رنگا رنگ افتتاحي تقريب منعقد ٿي، تقريب جو باقاعده افتتاح ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي ۽ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ڪموڊور پرنسپال فيصل اقبال قاضي (ستارا امتياز ملٽري ) ڪيو. افتتاحي تقريب ۾ شاگردن مارچ پاسٽ پيش ڪيو، جڏهن ته مختلف راندين جي نمائندگي ڪندڙ ڪيڊٽس شاندار انداز ۾ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو.  ان موقعي تي پرنسپال فيصل اقبال قاضي شاگردن جي محنت، نظم ضبط ۽ ٽيم ورڪ جي اهميت تي روشني وڌي. تقريب جي خاص مهمان فياض حسين عباسي نوجوانن جي راندين طرف وڌندڙ دلچسپي کي ساراهيو. اسپورٽس چيمپيئن شپ  چار ڏينهن جاري رهندي، جنهن ۾ مختلف ڪيڊٽ ڪاليجن جون ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن، جن ۾ ڄامشورو ڪيڊٽ ڪاليج، ڪراچي ڪيڊٽ ڪاليج، سانگهڙ ڪيڊٽ ڪاليج ۽ سرگوڌا ٽرسٽ پبلڪ اسڪول راشد آباد شامل آهن.

راندين جي مقابلي ۾ ايٿليٽڪس، فٽبال، والي بال، ڪرڪيٽ، هاڪي ۽ ٻين راندين جا دلچسپ مقابلا منعقد ڪيا پيا وڃن، جتي ڪيڊٽس پنهنجي ڀرپور صلاحيتن ۽ راندين جا جوهر ڏيکاري رهيا آهن.

افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان حيدرآباد جي ڪمشنر فياض حسين عباسي ۽ پرنسپال ڪموڊور فيصل اقبال قاضي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڏيکاريندڙ  رانديگرن ۾ انعام ورهايا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اهڙي طرح جا مقابلا شاگردن ۾ صحتمند رجحان کي هٿي وٺرائيندا.

مزید خبریں