پاڪستان ۽ دبئي وچ ۾ سماجي ۽ فني شعبن ۾ سهڪار کي زور وٺائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي: ڪامران خان ٽيسوري

ڪراچي-21 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته پاڪستان ۽ دبئي وچ ۾ سماجي ۽ فني شعبن ۾ سهڪار کي زور وٺائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. آءِ ٽي وسيلي نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪيو پيو وڃي. اهي نوجوان خودمختياري جي راهه تي اچي پنهنجي خاندانن جي معاشي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. انهن خيالن جو اظهار هن اي ايف …

ڪراچي-21 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته پاڪستان ۽ دبئي وچ ۾ سماجي ۽ فني شعبن ۾ سهڪار کي زور وٺائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. آءِ ٽي وسيلي نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪيو پيو وڃي. اهي نوجوان خودمختياري جي راهه تي اچي پنهنجي خاندانن جي معاشي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. انهن خيالن جو اظهار هن اي ايف اي ڪيو گروپ دبئي جي پارٽنر عائشه اي سيد سان گورنر هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ آغا خان يونيورسٽي اسپتال جو ڊين ڊاڪٽر عادل حيدر به شريڪ هو. ملاقات ۾ مصنوعي ذهانت (اي آءِ)، طبي تحقيق ۽ جدت کي هٿي وٺائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. عائشه اي سيد دبئي ۾ جاري ترقياتي رٿائن ۽ انساني ڀلائي جي قدمن تي بريفنگ ڏني. عائشه اي سيد گورنر هائوس ۾ جاري ايڊوانسڊ اي آءِ ڪورسز جي شاگردن سان ملاقات به ڪئي. گورنر ٻڌايو ته ڪيترائي نوجوان هاڻ غيرملڪي ڪمپنين سان آن لائين ڪم ڪري ڊالرن ۾ آمدني حاصل ڪري رهيا آهن. عائشه اي سيد ”اميد جي گهنٽي“ وڄائي خوشگوار حيرت ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں