تهران -21 آڪٽوبر(اي پي پي) ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري علي لاريجاني اعلان ڪيو آهي ته سندس ملڪ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) سان سهڪار جي معاهدي کي ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن تهران ۾ پنهنجي عراق جي هم منصب سان ملاقات دوران چيو ته عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي ( آءِ اي اي اي) سان سهڪار جو معاهدو فرانس، جرمني ۽ …
ايران (آءِ اي اي اي) سان سهڪار جو معاهدو ملتوي ڪري ڇڏيو
تهران -21 آڪٽوبر(اي پي پي) ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري علي لاريجاني اعلان ڪيو آهي ته سندس ملڪ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) سان سهڪار جي معاهدي کي ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن تهران ۾ پنهنجي عراق جي هم منصب سان ملاقات دوران چيو ته عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي ( آءِ اي اي اي) سان سهڪار جو معاهدو فرانس، جرمني ۽ برطانيا پاران ايران خلاف پابندين جو اسنيپ بيڪ طريقو بحال ڪرائڻ بعد ملتوي ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ايجنسي وٽ ڪا به تجويز آهي ته اسان يقينن جنرل سيڪريٽريٽ ۾ ان جو جائزو وٺنداسين. معاهدي تحت آءِ اي اي اي کي ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن جو معائنو ٻيهر شروع ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي.








