ڪراچي-20 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هندو برادري کي دل جي گهراين سان ڏياريءَ جون مبارڪون ڏنيون آهن. سي ايم جي ترجمان موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سڄي دنيا ۾ هندو برادري کي ڏياري جون مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته ڏياري خوشي، روشني، امن ۽ پيار جو ڏڻ آهي، وڏي وزير چيو ته سنڌ امن ۽ پيار جي سرزمين …
سنڌ جي وڏي وزير پاران هندو برادريءَ کي ڏياريءَ جي ڏڻ جون واڌايون

مزید خبریں
ڪراچي-20 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هندو برادري کي دل جي گهراين سان ڏياريءَ جون مبارڪون ڏنيون آهن. سي ايم جي ترجمان موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سڄي دنيا ۾ هندو برادري کي ڏياري جون مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته ڏياري خوشي، روشني، امن ۽ پيار جو ڏڻ آهي، وڏي وزير چيو ته سنڌ امن ۽ پيار جي سرزمين آهي، پاڪستان ۾ سڀئي مذهب آزادي سان پنهنجيون خوشيون ملهائين ٿا ۽سنڌ جي سڃاڻپ رواداري، پيار ۽ ڀائيچارو آهي سنڌ جي وڏي وزير ڏياري جي موقعي تي بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڀريو ۽ چيو ته سماجي ۽ ثقافتي ترقي ۾ هندو برادري جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، هن چيو ته پيپلز پارٽي اقليتن کي برابري جي بنياد تي حڪومت ۽ انتظاميه ۾ نمائندگي ڏني آهي، سنڌ ۾ اقليتن کي برابريءَ جا حق آهن، پاڪستان جو آئين سندن تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿو. هن چيو ته سنڌ حڪومت اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي،اقليتن جا جائز مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا پيا وڃن.











