واشنگٽن-18آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب عالمي معيشت بابت پيٽرسن انسٽيٽيوٽ جي گول ميز اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پاڪستان جي معاشي اڳڀرائي، آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۽ نجڪاري واري عمل سميت ٻين اهم موضوعن تي روشني وڌي. ناڻي واري وزارت مان جاري ٿيل بيان موجب سينيٽر محمد اورنگزيب عالمي معيشت بابت پيٽرسن انسٽيٽيوٽ جي انتظام هيٺ ”پاڪستاني معيشت جا چيلينج ۽ موقعا …
ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي عالمي معيشت بابت پيٽرسن انسٽيٽيوٽ جي گول ميز اجلاس ۾ شرڪت
واشنگٽن-18آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب عالمي معيشت بابت پيٽرسن انسٽيٽيوٽ جي گول ميز اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پاڪستان جي معاشي اڳڀرائي، آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۽ نجڪاري واري عمل سميت ٻين اهم موضوعن تي روشني وڌي. ناڻي واري وزارت مان جاري ٿيل بيان موجب سينيٽر محمد اورنگزيب عالمي معيشت بابت پيٽرسن انسٽيٽيوٽ جي انتظام هيٺ ”پاڪستاني معيشت جا چيلينج ۽ موقعا 2025ع ۽ ان کان پوءِ“ جي موضوع تي گول ميز ڳالهين ۾ شرڪت ڪئي ۽ خطاب ڪيو. ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف سان ٿيل اسٽاف ليول معاهدي ۽ عالمي ريٽنگ ايجنسين پاران پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري تي روشني وڌي. هن ايف بي آر ۾ جاري سڌارن واري عمل کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ سڌارن واري عمل ذريعي افرادي صلاحيت، نظام ۽ ٽيڪنالاجي ۾ بهتري جي هدفن جو ذڪر ڪيو. وفاقي وزير نجڪاري جي عمل ۾ اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو. هن حڪومتي سڌارن واري عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته تازيون جيو پوليٽيڪل حالتون پاڪستان جي حق ۾ بهتر آهن. سيڙپڪاري ۽ اقتصادي سهڪار جا نوان موقعا پيدا ٿي رهيا آهن. ناڻي واري وزير شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا جواب ڏنا ۽ پاڪستان جي معاشي صورتحال تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون.








