واشنگٽن-18 آڪٽوبر (اي پي پي)ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب واشنگٽن ڊي سي ۾ جاري آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي سالياني اجلاسن جي موقعي تي عالمي بئنڪ جي صدر راجا بانگا سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ناڻي واري وزير عالمي بئنڪ سان پاڪستان جي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ناڻي واري وزارت مان جاري ڪيل بيان موجب ناڻي واري وزير پاڪستان جي وزيراعظم …
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي عالمي بئنڪ جي صدر سان ملاقات
واشنگٽن-18 آڪٽوبر (اي پي پي)ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب واشنگٽن ڊي سي ۾ جاري آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي سالياني اجلاسن جي موقعي تي عالمي بئنڪ جي صدر راجا بانگا سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ناڻي واري وزير عالمي بئنڪ سان پاڪستان جي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ناڻي واري وزارت مان جاري ڪيل بيان موجب ناڻي واري وزير پاڪستان جي وزيراعظم جي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي دوران عالمي بئنڪ جي صدر سان ٿيل ملاقات جو ذڪر ڪيو. ناڻي واري وزير راجا بانگا کي پاڪستان جي حڪومت پاران ٻوڏ وراي صورتحال دوران کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير ٻوڏ جي نقصانن جي ازالي لاءِ عالمي بئنڪ جي وقت سر امداد جو شڪريو ادا ڪيو. ناڻي واري وزير ننڍن آبادگارن تائين پهچ لاءِ ٽيڪنالاجي پليٽ فارمز ۽ ڪوآپريٽوز جي استعمال واري تجويز جي تعريف ڪئي. سينيٽر محمد اورنگزيب حڪومت جي ٽيرف پاليسي جي تياري ۾ عالمي بئنڪ جي ٽيڪنيڪل مدد تي پڻ شڪريو ادا ڪيو. ناڻي واري وزير عالمي بئنڪ جي صدر کي صوبن سان ڪنٽري پارٽنر شپ فريم ورڪ لاڳو ڪرڻ وارن معاهدن کان پڻ آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير گهٽ آءِ ڊي اي الاٽمنٽ جي حوالي سان اضافي مدد جي پڻ درخواست ڪئي. ناڻي واري وزير گيس ۽ توانائي جي شعبن ۾ پائيدار سڌارن لاءِ جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي پڻ زور ڀريو.








