واشنگٽن-18 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب برطانيا جي آفريقا ۽ عالمي ترقي لاءِ وزير بيرونس جيني چپيپسمين سان ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزير پاڪستان لاءِ برطانيا جي ڊگهي مدي واري ترقياتي مدد تي شڪريو ادا ڪيو. ناڻي واري وزارت جي جاري ڪيل بيان موجب وفاقي وزير پاڪستان جي سڌارن ۽ معاشي ترقي جي ايجنڊا ۾ برطانيا جي سهڪار جو شڪريو ادا ڪيو. هن ڊجيٽل …
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي برطانيا جي آفريقا ۽ عالمي ترقي جي وزير بيرونس جيني چپيپسمين سان ملاقات
واشنگٽن-18 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب برطانيا جي آفريقا ۽ عالمي ترقي لاءِ وزير بيرونس جيني چپيپسمين سان ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزير پاڪستان لاءِ برطانيا جي ڊگهي مدي واري ترقياتي مدد تي شڪريو ادا ڪيو. ناڻي واري وزارت جي جاري ڪيل بيان موجب وفاقي وزير پاڪستان جي سڌارن ۽ معاشي ترقي جي ايجنڊا ۾ برطانيا جي سهڪار جو شڪريو ادا ڪيو. هن ڊجيٽل ڊيش بورڊ منصوبي جي تياري ۾ جاري حصيداري واري عمل کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو. هن چيو ته ڊجيٽل ڊيش بورڊ منصوبي جو مقصد منصوبن جي نگراني ۾ شفافيت ۽ ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ آهي. وفاقي وزير ترقياتي منصوبن جي چونڊ ۽ انهن کي لاڳو ڪرڻ بابت اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشوري واري عمل کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي زور ڀريو. هن منصوبن کي قومي ترجيحن سان هم آهنگ ڪرڻ تي پڻ زور ڀريو. ناڻي واري وزير آف بجيٽ منصوبن جي بهتر نتيجن لاءِ انهن ۾ شفافيت ۽ هم آهنگي وڌائڻ جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو. ڌرين پائيدار ترقي ۽ ادارا جاتي صلاحيتن ۾ بهتري لاءِ گڏيل ترقياتي سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.








