حيدرآباد-18آڪٽوبر (اي پي پي) ايس ايس پي حيدرآباد عديل حسين چانڊيو جي هدايتن تي هوسڙي ٿاڻي جي حد ۾ واقع ٽنڊو مير عالم مري ، علي اصغر آباد ۽ هوسڙي شهر ۾ غير قانوني طور تي ترسيل افغانين ۽ شڪي ماڻهن خلاف ڪومبنگ آپريشن ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي حيدرآباد جي ترجمان موجب ان دوران گهرن ، هوٽلن ۽ شڪي جاين تي سرچ آپريشن دوران 37 ڄڻن جي تلاش …
حيدرآباد جي ڀرپاسي ۾ غير قانوني طور تي ترسيل افغانين ۽ شڪي ماڻهن خلاف ڪومبنگ آپريشن شروع

مزید خبریں
حيدرآباد-18آڪٽوبر (اي پي پي) ايس ايس پي حيدرآباد عديل حسين چانڊيو جي هدايتن تي هوسڙي ٿاڻي جي حد ۾ واقع ٽنڊو مير عالم مري ، علي اصغر آباد ۽ هوسڙي شهر ۾ غير قانوني طور تي ترسيل افغانين ۽ شڪي ماڻهن خلاف ڪومبنگ آپريشن ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي حيدرآباد جي ترجمان موجب ان دوران گهرن ، هوٽلن ۽ شڪي جاين تي سرچ آپريشن دوران 37 ڄڻن جي تلاش ايپ ذريعي بائيو ميٽرڪ ويريفڪيشن ڪئي وئي، جن مان هڪ شخص کي هوسڙي ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو، جنهن جي مڪمل جاچ پڙتال کان پوءِ ان کي آزاد ڪيو ويو. ڪومبنگ آپريشن دوران ڊسٽرڪٽ انٽيليجنس برانچ ۽ حساس ادارن جا اهلڪار به موجود هئا . ترجمان موجب سڄي ضلعي ۾ غير قانوني افغانين ۽ ڏوهارين خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائيون جاري آهن.











