ڪراچي -17 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ حڪومت پاران ڏياريءَ جي خوشيءَ جي موقعي تي 250 هندُو خاندانن ۾ مالي امداد جا چيڪ ورهائڻ جي تقريب منعقد ٿي. اها تقريب سنڌ حڪومت جي اقليتي معاملن واري کاتي جي انتظام هيٺ ڪراچي ۾ شاندار نموني سان ٿي، جنهن ۾ وزيراعليٰ سنڌ جي اقليتي معاملن بابت خاص مددگار ڊاڪٽر شام سُندر آڏواڻي، اقليتي معاملن واري سيڪريٽري انجُم اقبال ۽ ٻين آفيسرن شرڪت …
سنڌ حڪومت پاران ڏياريءَ جي خوشيءَ جي موقعي تي 250 هندُو خاندانن ۾ مالي امداد جا چيڪ ورهايا ويا

مزید خبریں
ڪراچي -17 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ حڪومت پاران ڏياريءَ جي خوشيءَ جي موقعي تي 250 هندُو خاندانن ۾ مالي امداد جا چيڪ ورهائڻ جي تقريب منعقد ٿي. اها تقريب سنڌ حڪومت جي اقليتي معاملن واري کاتي جي انتظام هيٺ ڪراچي ۾ شاندار نموني سان ٿي، جنهن ۾ وزيراعليٰ سنڌ جي اقليتي معاملن بابت خاص مددگار ڊاڪٽر شام سُندر آڏواڻي، اقليتي معاملن واري سيڪريٽري انجُم اقبال ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.ڊاڪٽر شام سُندر آڏواڻي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن ۽ منشور موجب سنڌ حڪومت هر مذهب، برادري ۽ طبقي جي خوشين ۾ برابر جي شريڪ آهي.هن چيو ته ڏياري جي هن خوشگوار ڏڻ جي موقعي تي سنڌ حڪومت اقليتي برادري سان يڪجهتي طور تي غريب ۽ مستحق خاندانن کي مالي امداد تحفي طور پيش ڪري رهي آهي، جيئن اهي به هن خوشيءَ ۾ شامل ٿي سگهن. ڊاڪٽر آڏواڻي وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ڌرتي رواداري، امن، محبت ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏئي ٿي ۽ سنڌ حڪومت جو مقصد اقليتي برادري جي زندگيءَ ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ ۽ انهن کي معاشي طور مستحڪم بڻائڻ آهي. ان موقعي تي اقليتي معاملن واري سيڪريٽري انجُم اقبال به پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت اقليتي برادري جي ڀلائي ۽ فلاح لاءِ ڪيترائي منصوبه شروع ڪيا آهن، جن ۾ تعليمي اسڪالرشپس، شادي گرانٽ ۽ مذهبي موقعن تي مالي امداد شامل آهي. تقريب دوران خوشي، محبت ۽ ڀائيچاري جو جذبو نمايان رهيو. هندُو برادري جي شرڪت ڪندڙن سنڌ حڪومت جي هن قدمن تي خوشي ۽ اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙا قدم صوبَي ۾ مذهبي هم آهنگي کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿا.











