گڏيل قومن ۾ پاڪستاني نمائندي پاران ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي جوابده بڻائڻ جو مطالبو

گڏيل قومون-17 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ٽئين ڪميٽي جي اجلاس دوران پاڪستاني نمائندي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين کي اجاگر ڪندي عالمي اداري کان مطالبو ڪيو آهي ته ڀارت کي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙين تي جوابده بڻايو وڃي. پاڪستان جي وقتي مستقل نمائندي سفير عثمان جدون گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر …

گڏيل قومون-17 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ٽئين ڪميٽي جي اجلاس دوران پاڪستاني نمائندي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين کي اجاگر ڪندي عالمي اداري کان مطالبو ڪيو آهي ته ڀارت کي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙين تي جوابده بڻايو وڃي. پاڪستان جي وقتي مستقل نمائندي سفير عثمان جدون گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر سان گڏ انٽر ايڪٽو ڊائيلاگ دوران چيو ته ڀارت 7 ڏهاڪن کان ڪشميري عوام کي سندن خودمختياري وارو حق ڏيڻ کان انڪاري آهي جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترين ئي قراردادن کي کليل ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ ڀارت ڪشميري سياسي قيادت کي قيد ۾ رکيو آهي، انهن تي تشدد ڪيو پيو وڃي، سوين ڪشميري نوجوانن جو عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو ويو، عورتن سان جنسي زيادتي کي جنگي هٿيار طور استعمال ڪيو ويو، پرامن احتجاج کي طاقت سان ڪچليو ويو ۽ پيلٽ گنز جي استعمال سان ٻارن کي نور کان محروم ڪيو ويو. پاڪستاني سفير چيو ته اجتماعي سزا طور سمورن پاڙن ۽ ٻهراڙين کي ڊاٿو ويو، مذهبي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي به سخت پابنديون لاڳو ڪيون ويون. هن گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي 2018 ۽ 2019ع جي رپورٽن جو حوالو ڏيندي مطالبو ڪيو ته هڪ تازي رپورٽ جاري ڪئي وڃي جيڪا موجوده صورتحال جي درست عڪاسي ڪري. هن چيو ته ڀارت کي انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي جوابده نه بڻائڻ گڏيل قومن جي انساني حقن جي نظام جي ساک کي نقصان پهچائي رهيو آهي. ان ڪميٽي جي هڪ ٻي سيشن ۾ پاڪستاني مشن جي قونصلر صائمه سليم تشدد خلاف خصوصي نمائندي سان بحث دوران ڀارت ۾ رياستي ۽ غير رياستي ڌرين طرفان تشدد جي وڌندڙ رجحان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، هن چيو ته رپورٽ ۾ ڀارت ۾ زبردستي ڏوهه مڃرائڻ، تشدد ۽ جبري حراست جهڙن الزامن کي اعتبار جوڳو قرار ڏنو ويو آهي جيڪي والاريل ڪشمير ۾ جاري ظلمن جي عڪاسي ڪن ٿا. صائمه سليم چيو ته سياسي ڪارڪن، انساني حقن جي محافظن، صحافين، عورتن ۽ ٻارن سميت عام شهرين کي بدترين ظلم کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جن ۾ جنسي تشدد، حراستي تشدد ۽ اجتماعي سزائون شامل آهن، انهن واقعن جي غيرجانبدراڻي جاچ ۽ ذميوارن جو احتساب ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان هر قسم جي تشدد جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي ۽ عالمي سطح تي اهڙي نظامن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهندو ته جيئن تڪرار ۽ قبضي جي حالت ۾ زندگي گذاريندڙ ماڻهن جي بنيادي حقن ۽ وقار جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي.