غزه ۾ صحت جي شعبي کي تباهه ڪيو ويو آهي، وبائي مرض ضابطي کان ٻاهر ٿي ويا آهن: صحت وارو عالمي ادارو

جنيوا-17 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت واري عالمي اداري جي علائقائي ڊائريڪٽر حنان بلخي خبردار ڪيو آهي ته غزه پٽي ۾ وبائي مرض ضابطي کان ٻاهر ٿي ويا آهن، غزه جي 36 اسپتالن مان نه رڳو 13 جزوي طور تي ڪم ڪري رهيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب حنان بلخي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته غزه ۾ صحت جي شعبي کي تباهه ڪيو ويو آهي، غزه ۾ صحت جي سارسنڀال جو …

جنيوا-17 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت واري عالمي اداري جي علائقائي ڊائريڪٽر حنان بلخي خبردار ڪيو آهي ته غزه پٽي ۾ وبائي مرض ضابطي کان ٻاهر ٿي ويا آهن، غزه جي 36 اسپتالن مان نه رڳو 13 جزوي طور تي ڪم ڪري رهيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب حنان بلخي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته غزه ۾ صحت جي شعبي کي تباهه ڪيو ويو آهي، غزه ۾ صحت جي سارسنڀال جو نظام گهٽجي رهيو آهي. هن زور ڀريو ته وچڙندڙ بيمارين جي پکيڙ ضابطي کان ٻاهر آهي. هن چيو ته انگن اکرن مان معلوم ٿئي ٿو ته غزه سٽي ۾ هاڻي رڳو 8 صحت مرڪز ڪم ڪري رهيا آهن، اتر غزه ۾ صرف هڪ صحت مرڪز آهي. تنظيم دعويٰ ڪئي آهي ته صحت مرڪزن ۾ ايترو طبي عملو ناهي ته هو سموريون اهم خدمتون ٻيهر شروع ڪري سگهن. هن چيو ته غزه ۾ صحت جي شعبي جي نئين سر تعمير لاءِ اربين ڊالرن ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، مڪمل طور تي تباهه ٿي ويل اسپتالن جي ڳالهه ڪجي ته انهن جي بحالي ناممڪن آهي. 7 آڪٽوبر 2023ع کان غزه ۾ صحت جون سهولتون فراهم ڪندڙ 800 کان وڌيڪ مرڪزن کي حملن جو نشانو بڻايو ويو. بلخي خبردار ڪيو ته گذريل ٻن سالن دوران پيدا ٿيل ٻارن جي هڪ وڏي انگ جي ويڪسينيشن پڻ نه ٿي آهي. غزه پٽي ۾ دماغي صحت سان لاڳاپيل مسئلن جي حل جي ضرورت ٻيڻ کان وڌي وئي آهي، جڏهن ته دستياب خدمتون ڪافي ناهن. حنان بلخي ڪيترن ئي زخمين کي غزه پٽي مان علاج لاءِ اولهه ڪناري يا ٻين پاڙيسري ملڪن ڏانهن وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.