پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف جُون آمريڪا جي دوري دوران آمريڪا جي اعليٰ بحري ۽ سول قيادت سان اهم ملاقاتون

واشنگٽن-17 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف آمريڪا جي پنهنجي دوري دوران آمريڪا جي اعليٰ بحري ۽ سول قيادت سان اهم ملاقاتون ڪيون، ملاقاتن دوران پيشيوراڻي دلچسپي، علائقائي سيڪيورٽي، پيشيوراڻي تربيت ۽ سامونڊي تعاون جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نيول چيف آمريڪي ڊپٽي چيف آف دي نيول اسٽاف آپريشنز ۽ ڪوسٽ گارڊ جي وائيس ڪمانڊنٽ سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون. نيول …

واشنگٽن-17 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف آمريڪا جي پنهنجي دوري دوران آمريڪا جي اعليٰ بحري ۽ سول قيادت سان اهم ملاقاتون ڪيون، ملاقاتن دوران پيشيوراڻي دلچسپي، علائقائي سيڪيورٽي، پيشيوراڻي تربيت ۽ سامونڊي تعاون جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نيول چيف آمريڪي ڊپٽي چيف آف دي نيول اسٽاف آپريشنز ۽ ڪوسٽ گارڊ جي وائيس ڪمانڊنٽ سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون. نيول چيف آمريڪي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جو به دورو ڪيو ۽ يونيورسٽي جي صدر وائيس ايڊمرل پيٽر اي گارون سان ملاقات ڪئي. ملاقاتن دوران پيشيوراڻي دلچسپي، علائقائي سيڪيورٽي، پيشيوراڻي تربيت ۽ سامونڊي تعاون جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نيول چيف آمريڪا جي پرڏيهي آفيس جو به دورو ڪيو. هن سياسي ۽ عسڪري معاملن جي ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري اسٽينلي ايل براؤن سان ملاقات ڪئي. ايڊمرل نويد اشرف آمريڪي اسڪالرن ۽ ٿنڪ ٽينڪ ماهرن کي خطاب ڪيو ۽ علائقائي ميري ٽائم سيڪيورٽي چئلينجز ۽ گڏيل ميري ٽائم ڪوششن ۾ پاڪستان نيوي جي تعاون تي روشني وڌي. نيول چيف جو آمريڪا جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميري ٽائم سيڪيورٽي ۽ دفاعي تعاون کي فروغ ڏيندو.